ملڪ ۾ سون اگهن ۾ وڏي واڌ ٿي وئي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون اگهن ۾ اڄ به واڌ ٿي وئي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب 450 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 9 هزار 350 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 386 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 93 هزار 750 رپين جو ٿي ويو آهي.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 8 ڊالر واڌ سان هڪ هزار 825 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.