سي پيڪ ۾ بنا ٽينڊرز جي ٺيڪا ڏيڻ سان قومي ناڻي کي نقصان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اين ايل سي طرفان بنا ٽينڊر جي ٺاڪا ڏيڻ ۽ اڌوري ڪم جي باوجود ٺيڪيدارن کي وڌيڪ ادائيگين جو انڪشاف ٿيو آهي جڏهن ته سي پيڪ ۾ بنا ٽينڊر جي ٺيڪا ڏيڻ سان قومي ناڻي کي نقصان به ٿيو.

راڻا تنوير جي صدارت هيٺ پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير جي آڊٽ رپورٽ 20-2019ع غور هيٺ آئي.

آڊٽ اختيارين ٻڌايو ته نيشنل لاجسٽڪس سيل (اين ايل سي) ڪراچي گرين لائن بي آر ٽي ايس ۾ ايڪيليٽرز لڳائڻ لاءِ ٽينڊر کان سواءِ ٺيڪو ڏنو، ان منصوبي تي 96 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا اين ايل سي ڪم نه هئڻ جي باوجود ٺيڪيدارن کي وڌيڪ ادائيگيون ڪيون، اين ايل سي حبيب رفيق ۽ خان ڪنسٽرڪشن سميت ڪيترين ئي ڪمپنين کي 17 ڪروڙ 80 لک کان وڌيڪ ادا ڪيا ويا.

منصوبابندي واري سيڪريٽري جواب ڏنو ته اين ايل سي نالي سان منصوبابندي واري وزارت سان گڏ آهي، اين ايل سي خودمختيار ادارو آهي، اسان جي اپيل آهي ته اين ايل سي کي منصوبابندي واري وزارت کان واپس ورتو وڃي، اسان ان اداري کي نٿا سنڀالي سگهون.

ايل اين سي اختيارين موقف اختيار ڪيو ته ڪراچي انفراسٽريڪچر ڊويلپمنٽ ڪمپني شرط رکي ته رڳو شينڊلر جا ايسڪيليٽرز هڻڻا آهن، پيپرا قانون اسان کي اهڙن قدمن اجازت ڏئي ٿو، آڊٽ اختيارين هڪ انٽرنل خط جي بنيا تي آڊٽ پيرا ٺاهيو، اسان جي هڪ ڳجهي خط تي آڊٽ پيرا ڪيئن بڻائي وئي.

پي اي سي پيپرا کان ان معاملي تي راءِ وٺڻ لاءِ معاملي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتو.

آڊٽ اختيارين وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ سي پيڪيج ون ۾ ٽينڊر کان سواءِ ڪيئن ٺيڪا ڏنا ويا، ايل اي ڊي روڊ لائٽس، روڊ جي اڏاوت جي لاءِ ٽينڊرز کان سواءِ ٺيڪا ڏيڻ سان 12 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو.

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ٽينڊز کان سواءِ ٺيڪن بابت سمورن ڪيسن جي هڪ مهيني ۾ انڪوائري جي هدايت ڪئي.

اين ايل سي اختيارين موقف اختيار ڪيو ته اين ايل سي انهن علائقن ۾ ڪم ڪندي آهي جتي ڪير به ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اسان کي پيپرا قانون مان ڇوٽ ڏني وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.