جيڪب آباد اسپتال ۾ ويڪسين نه لڳائڻ تي علاج بند

جيڪب آباد (ڊر) جيڪب آباد جي جمس اسپتال ۾ ڊائريڪٽر نادر شاھي حڪم جاري ڪري ڪورونا وئڪسين نه لڳائڻ وارن جو علاج بند ڪرائي  ڇڏيو، جنهن کان پوءِ پري کان ايندڙ مريضن کي واپس ڪيو پيو وڃي، مريضن جو نه ڪو ڊاڪٽر علاج ڪري ٿو نه ئي دوائون ڏنيون پيون وڃن دل جي مرض ۾ مبتلا سميت آپريشن ڪرائڻ وارا ھزارين ماڻهون علاج کان محروم ٿي ويا، ڊائريڪٽر جي ھن فيصلي کان پوءِ او پي ڊي ۾ مريضن جو تعداد گھٽ ٿي ويو، مريضن  جي وارثن احتجاج ڪنڌي چيو ته اچانڪ اھڙي قدم ته افسوس آھي وزير صحت ۽ بي او جا ممبر ان جو نوٽيس وٺن ٻئي پاسي ڊائريڪٽر جمس عبدالواحد ٽڳڙ سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ان جو نمبر اٽينڊ نه ٿيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.