سينگار نوناري جي خاندان سان انصاف ڪير ڪندو ؟

تحرير: شفقت نوناري

دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ ڪنهن به شهري کي کنڀي گم ڪرڻ جو تصور به موجود نه آهي جيڪڏهن ڪنهن جو ڪو ڏوهه هندو اهي ته ان سان قانون مطابق ورتاءُ ڪيو وڃي ٿو، اسان وٽ ڏوهارين لاءِ ٿاڻا، جيل، عدالتون توڙي ٻيا ادارا هوندي به شهرين کي بلاجواز کنڀي سالن جا سال گم ڪيو وڃي ٿو جيڪا انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، جڏهن ته ملڪ جو آئين آرٽيڪل 10A چوي ٿو ته ڪنهن به ماڻهو کي گرفتار ڪرڻ بعد 24 ڪلاڪن اندر مئجسٽريٽ اڳيان پيش ڪيو ڪجهه هفتا اڳ نصير آباد واسي ڪامريڊ سينگار نوناري کي بنا ڪنهن ڏوهه جي ثابتي جي رات جي وڳڙي ۾ گهر ڀاتين سامهون کنڀڻ بعد گم ڪيو ويو آهي ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود ڪنهن کي به سڌ نه آهي ته سينگار ڪٿي ۽ ڪهڙي حال ۾ آهي ۽ کيس ڪهڙي ڏوهه ۾ گم ڪيو ويو آهي؟؟

سنيگار جي کنڀجڻ کانپوءِ اڄ تائين نصير آباد جون عورتون، مرد، ٻار، ٻڍا، پورهيت توڙي هاري روڊن تي هٿن ۾ تارازو، ڏاٽا، ڪنڊا کڻي سراپا احتجاج بڻيل آهن ۽ اهي روزانو سون جي تعداد ۾ گڏ ٿي نوناري محلا کان فاضل راهو چوڪ يا پريس ڪلب تائين پهچي هڪ ئي نعرو هڻن ٿا ته پورهيتن جي سگهه کي آزاد ڪيو، سنڌ جي آواز کي آزاد ڪيو ۽ بار بار اهو به مطالبو ڪن ٿا ته سينگار جو ڪو ڏوهه آهي ته عدالت ۾ آڻي ڀلي مٿس ڪيل گناهه جو ڪيس هلايو وڃي.

سينگار نوناري نصير آباد شهر جي هڪ پورهيت عبدالرحيم نوناري جي گهر ۾ جنم ورتو. گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪري مقامي سياست کان شروعات ڪئي. قومپرست سياست کانپوءِ ليبر پارٽي ۾ شامل ٿيو جيڪا هاڻ مختلف پارٽين جي انضمام بعد عوامي ورڪرز پارٽي بڻي ۽ هاڻ سينگار نوناري عوامي ورڪرز پارٽي جي پورهيت ونگ جو سيڪريٽري سنڌ آهي. هن جو سڄو خاندان ملڪ جي پيڙيل طبقي جي حقن لاءِ عملي سياست ڪري ٿو سينگار علائقي جي هارين، مزدورن، عورتن، شهرين توڙي مظلومن جي حقن لاءِ روڊن تي بيهي پرامن سياست ڪئي آهي هن پٺتي پيل علائقن ۾ اسڪولن ۽ لائبريرين جو بنياد وڌو ادبي، ثقافتي ميڙاڪا منعقد ڪرايا جنهن ۾  مذهبي رواداري ۽ امن کي يقيني بڻائڻ جي پرچار ڪئي. چار ڀيرا نصير آباد شهري اتحاد جو صدر چونڊيو ويو ۽ هر محاذ تان عوامي ڀلائي لاءِ آواز اٿاريو جنهن جي نتيجي ۽ نصير آباد جي عوام گذريل مڪاني چونڊن ۾ کيس وڏي انگ ۾ ووٽ ڏئي پنهنجو نمائندو چونڊي سوڀارو ڪيو جنهن کانپوءِ هن ماڻهن جي بنيادي سهولتن توڙي حقن لاءِ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري جنهن جي بنياد تي هو نصير آباد جي سياست تي ڇانئجي ويو ۽ نصير آباد واري صوبائي تڪ تان ايم پي اي جو فارم ڀرائي وڏيرن سان مقابلو ڪيو  سندس امڙ هير جيڪا سدائين تعليمي ادارن جي تعمير، نياڻين جي تعليم لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي.

سندس وني فوزيه نوناري عورتن جي  شعوري پختگي لاءِ سڄي سنڌ ۾ اسٽڊي سرڪل توڙي سرسنگيت سان پنهنجن سرتين کي ترقي پسندي واري واٽ ڏيکاري آهي ته جيئن هو سنڌ جي روشن مستقبل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. سندس ڀيڻ عابده شهر جي هر مظلوم عورت توڙي مرد جي ڌر ٿي ظالمن خلاف آواز بلند ڪيو آهي ۽ هر محروم جي مدد ڪري پاڻ کي ان جو ساٿاري ثابت ڪيو آهي پر اڄ ان روشن خيال سياسي خاندان کي خبر ناهي ته ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڏني پئي وڃي جو هو  هروز پنهنجي پياري سينگار جي آزادي لاءِ روڊ تي نڪري انصاف جو مطالبو ڪن ٿا.

اڌ مهينو گذرڻ باوجود هن متاثر خاندان وٽ ڪو به چونڊيل نمائندو، ايم اين اي، ايم پي اي يا وزير لڙي نه آيو آهي نه ئي ڪنهن اسيمبلي فلور تان سينگار جي آزادي جي ڪا ڳالهه ڪئي آهي خبر ناهي ته پنهنجي ماڻھن جي جائز حق لاءِ آواز اٿارڻ تي نمائندن کي آخر ڊپ ڇو ٿو ٿئي ٻڌايو پيو وڃي ته سينگار نوناري بحريا ٽائون جي ظلمن خلاف هڪ سگهارو آواز بڻجي احتجاج ڪيو هو ۽ نصير آباد سميت سڄي سنڌ ۾ ملڪ رياض ۽ سندس ساٿاري ٽولي خلاف عوام کي متحرڪ ڪيو هو ۽ هن عوامي ورڪر پارٽي جي پليٽ فارم تان سخت احتجاج به ڪيو هو جنهن جي کيس کنڀي لاپتا ڪري سزا ڏني وئي آهي.

جيڪڏهن واقعي اهو سچ آهي ته بحريا جي ٻين اسيرن سان گڏ هن کي به ظاهر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ سنڌ اندر اهڙي عمل سان اڃان به وڌيڪ احساس محرومي پيدا ٿيندي ۽ پنهنجي ملڪ جي ادارن خلاف نفرت جو عمل به فطري هوندو جنهن سان ملڪ مضبوط ٿيڻ بجاءِ وڌيڪ ڪمزو ٿيندو ۽ ملڪ کي مضبوط ڪرڻ بدران ڪمزور ڪرڻ ۾ به انهن ماڻهن جو هٿ هوندو جيڪي قانون کان مٿانهان قدم کڻي خود قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن ڇاڪاڻ ته مسڪين ماڻهن جي ڀلائي واري سياست ڪرڻ ڪو به گناهه نه آهي، پرامن جمهوري سياست ڪرڻ هر شهري جو جمهوري حق آهي جيڪو حق خود ملڪي آئين ڏئي ٿو، ڪامريڊ سينگار جي آزادي لاءِ ڳوڙها ڳاڙيندڙ سندس خاندان جي مطالبي جو نوٽيس وٺي، سينگار کي ترت آزاد ڪري سنڌ مان بي چيني ختم ڪئي وڃي ڪٿي ائين نه ٿئي جو معاملو گهڻو اڳتي نڪري وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.