اڳوڻو صدر ممنون حسين گذاري ويو

ڪراچي ( رپورٽر ) اڳوڻو صدر ممنون حسين ڪينسر سان جهيڙيندي زندگي جي جنگ هارائي ويو، هن جي پٽ ارسلان ممنون تصديق ڪندي ٻڌايو ته سندس والد ٻن هفتن کان ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ داخل هو، جتي لاڏاڻو ڪري ويو، ممنون حسين 2013 ع کان 2018 ع تائين ملڪ جو صدر رهيو، هن جي ڳڻپ مسلم ليگ ن جي سينئر اڳواڻن ۾ٿيندي هئي، هو ان کان اڳ  سنڌ جو گورنر به رهيو هو،هوڏانهن ارمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، ن ليگ اڳواڻ راجا ظفر الحق ۽ ٻين ممنون حسين جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي وارثن سان دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ مرحوم جي مغفرت لاءِ دعا گهري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.