ڪامريڊ سينگار نوناري جي آزادي لاءِ نصيرآباد ۾ 17هين ڏينهن به ريلي، ڌرڻو

نصيرآباد(پ ر)ڪامريڊ سينگار نوناري جي گهر کان آرٿر شاخ موري تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ۽ ڌرڻو هنيو ويو،عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي صدر ڪامريڊ بخشل ٿلهو ڌرڻي کي خطاب ڪندي  چيو ته،  مسلسل سترنهن ڏينهن کان نصيرآباد شهر جو عوام سينگار جي آواز جو پڙاڏو بڻيو بيٺو آهي، سينگار کي کنڀي گم ڪرڻ وارا ڏسن ته سينگار جو آواز پورهيت ۽ عوام جو آواز آهي، سترنهن ڏينهن کان سراپا احتجاج بڻيل امڙيون، ڀينرون ۽ ڪامريڊ ساٿياڻيون سوال ڪن ٿيون ته ملڪ جا ادارا ڪنهن جي پاسي آهن، ڪنهن جا محافظ آهن؟ ڪامريڊ بخشل ٿلهو وڌيڪ چيو ته، جبري گمشدگين جي خلاف سنڌ پروگريسوِ ڪاميٽي جي پليٽ فارم تان اڳ به جدوجهد جاري رکي آهي، حيدرآباد مان ڪهي آيل سنڌ جي ناليواري اديب ۽ دانشور سائين تاج جويو چيو ته، اڄ سينگار کي گم ٿئي 19هون ڏينهن آهي ۽ نصيرآباد کي به 19 هون ڏينهن آهي جو مسلسل روڊن تي آهي، سنڌ ۽ هن ملڪ جي عوام شهيد حسن ناصر کان ويندي ڪامريڊ نظير عباسي تائين، جا لاشا وصول ڪيا آهن، سنڌ کان ويندي ڪي پي ڪي تائين جا سوين، هزارين ڪارڪن اوهان ائين کنڀي گم ڪيا آهن، پر ياد رکو ۽ اکيون کولي ڏسو اهڙي عمل سان آواز ناهي دٻجي سگهيو، تاج جويو وڌيڪ چيو ته، زرداري صاحب وٽ ملڪ رياض جي لئه وڪيل آهي، پر سينگار جهڙن عوام دوست اڳواڻن لئه هن جي سکڻي زبان کي مذمت ڪرڻ جي سگهه به ڪونهي، ناري جمهوري محاذ جي اڳواڻ ماجده نوناري چيو ته، ڪامريڊ سينگار اسان عورتن جو سياسي استاد آهي، هن جي محنتن سان هلايل اسٽڊي سرڪلز ۾ اسان جي سياسي تربيت ٿي، اسان پنهنجي سياسي اڳواڻ جي آزادي جو مطالبو ڪريون ٿا، ۽ پنهنجي استاد جي بازيابي تائين پنهنجي آواز کي بلند ڪندا رهنداسين،نون ليگ اڳواڻ حاجي بروهي چيو ته، ڪامريڊ سينگار نوناري پرامن پورهيت سياسي اڳواڻ آهي، ڌرڻي ۾ ڪميونسٽ پارٽي، نون ليگ، پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو ، ايس يو پي، جي يو آئي، رائيس ملر ائنڊ ٽريڊ يونين، جنرل اسٽور يونين ،بوٽ هائوس يونين، گسٽا، رائيس ملز مزدور يونين ، جساف مرڪز ، سياف، ڪمنان ، ڪلاٿ مارڪيٽ يونين، ڪريانا مرچنٽ ايسوسيئيشن ، سبزي ائنڊ فروٽ فروش يونين، ناري جمهوري محاذ ، عوامي ورڪرز پارٽي، پروگريسو اسٽوڊنٽ فيڊريشن ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن شرڪت ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.