علي امين گنڊاپور جي بيان تي قومي اسيمبلي ۾ به گوڙ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي معاملن بابت وفاقي وزير علي امين گنڊاپور جي بيان تي قومي اسيمبلي ۾ به گوڙ ڪيو ويو.
قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت هيٺ اجلاس ٿي گذريو. جنهن اعتراضن واري نقطي تي پيپلزپارٽي اڳواڻ سيد نويد قمر چيو ته ڪجهه پاڪستاني شخصيتون اسانجي سياست کان مٿانهيون آهن پر وفاقي وزيرن شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو لاءِ غير مناسب لفظ استعمال ڪيا. جڏهن ته ڪجهه شخصيتن جو احترام ڪرڻ اسان سڀني تي واجب آهي.
ان جو چوڻ هو ته ان واقعي تي اسان ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيون ٿا، جنهن تي پيپلزپارٽي ميمبرن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو.
قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي ميمبر راجا رياض به ذوالفقار علي ڀُٽو کي غدار چوڻ تي علي امين گنڊاپور تي تنقيد ڪندي چيو ته قيادت مان جيڪي جيئرا آهن انهن کي جيڪو وڻيوَ چئو، پر شهيدن کي بخش ڪيو.
انکانپوءِ ن ليگ جي مرتضيٰ جاويد عباسي چيو ته وفاقي وزير نواز شريف ۽ مريم نواز کي ڌاڙيل سڏيندا ته اسان وزيراعظم کي ڌاڙيل سڏينداسين، وزيرن کي اهو ڌيان رکڻ گهرجي ته سياسي روايتون ئي باقي وڃي بچنديون آهن اسانکي انهن کي سامهون رکڻ گهرجي.
ان جو چوڻ هو ته وزيرن جي رويي خلاف اسان به واڪ آئوٽ ڪيون ٿا.
ڪورم پورو نه هجڻ تي اجلاس جمعي تائين ملتوي ڪيو ويو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن آزادڪشمير ۾ چونڊ مهم کي خطاب ڪندي وفاقي وزير علي امين گنڊاپور پيپلزپارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو کي غدار ۽ نواز شريف کي ڌاڙيل قرار ڏنو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.