ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ، آزاد ڪشمير ۾ 10 ڏينهن لاءِ سياحت تي پابندي

مظفر آباد(ويب ڊيسڪ) ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾ رکندي آزاد ڪشمير حڪومت 10 ڏينهن جي لاءِ سياحت تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.

آزاد ڪشمير حڪومت طرفان سياحت تي پابندي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي 19 کان 29 جولاءِ تائين سياحت تي پابندي هوندي.

پابندي جي ڪري سياحتي ماڳ بند رهندا ۽ سياحتي سرگرميون به 10 ڏينهن جي لاءِ معطل رهنديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.