جيڪب آباد ۾ پاڻي نه ملڻ خلاف آبادگارن جو ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو

جيڪب آباد (ڊ ر) جيڪب آباد جي تعلقي ڳڙهي خيرو جي پوڇڙي واري آبادگارن کي زرعي پاڻي نه ملڻ واري عمل خلاف سيلرا شاخ، عيدن شاخ، لنڊ مائينر جي آبادگارن ۽ هارين پاران پاڪ ڪتاب هٿن ۾  کڻي شهيد الله بخش سومرو پارڪ کان احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو جنهن ۾ آبادگار، هاري ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي جا اڳواڻ توڙي ڪارڪن وڏي تعداد ۾شريڪ ٿيا، مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ پڻ هئا جن مٿان سخت نعرا تحرير ٿيل هئا، مظاهرين شهر جي مختلف رستن تان مارچ پريس ڪلب اڳيان پهچي ڌرڻو هنيو جنهن کان پوءِ مظاهرين ڊي سي آفيس جي مک گيٽ اڳيان پاڪ ڪتاب رکي 4 ڪلاڪن تائين ڌرڻي تي ويهي رهيا. ان موقعي تي آبادگارن اڳواڻن وقار جمالي، عابد حسين جمالي، ايس ٽي پي جي ضلعي صدر عبدالستار جاگيراڻي، نظام مستوئي، دلمراد لاشاري، ميهر الدين ديناري، پرويز جمالي ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته تعلقي ڳڙهي خيرو جي سيلرا شاخ، عيدن شاخ، لنڊ مائينر جو زرعي پاڻي بند ڪيو ويو آهي جنهن سان لکين ايڪڙ زرعي زمينون غير آباد ٿي رهيون آهن، هنن چيو ته آبادگارن ۽ هارين جو سمورو گذر سفر زمينن تي ٿيندو آهي جيڪڏهن لکين ايڪڙ آباد زمينن کي پاڻي کان محروم رکي غير آباد ڪيو ويو  آهي، لکين رپين جو ٻيجارو سڙي رهيو آهي، چيف جسٽس، ۽ وڏو وزير ۽ ٻيون اختياريون نوٽيس وٺن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.