ڦلجي ۾بجلي لوڊشيڊنگ وڌي وئي، رهواسي سراپا احتجاج، شاميانو هڻي ڌرڻو

ڦلجي اسٽيشن (ن ع آ) ڦلجي اسٽيشن شهر ۾ عيد ويجهو ايندي ئي بجلي جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ وڌي وئي ھٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ بجلي جا صارفين ڏانهن ڳرا بل موڪلڻ خلاف شهرين ۽ سياسي سماجي  تنظيمن پاران اڳوڻي ٽائون چيئرمين قاضي علي محمد قريشي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري حيدر چوڪ تي شاميانو لڳائي سيپڪو دادو جي عملدارن خلاف ڌرڻو هنيو ويو ڌرڻي سبب دادو کان سيتاروڊ ايندڙ ويندڙ مسافر گاڏيون ڪيتريون بھيجي ويون،  ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن اڳوڻي ٽائون چيئرمين قاضي علي محمد قريشي قو م پرست اڳواڻ لالا ظھير سومرو رمضان پنھور سگا جوصدر آفتاب احمد پنھور عرفان کہرو مجيد خاصخيلي ھالار ياسين ۽ ٻين چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان سيپڪو دادو پاران بجلي جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي ۽ شهرين ڏانهن بجلي جا ڳرا بل اماڻياپيا وڃن جيڪا شھرين سان سرا سر نا انصافي آھي احتجاج ڪندڙن وڌيڪ چيو ته ڦلجي فيڊر تي لائين مينن جيان پرائيويٽ ماڻهون رکيا ويا آهن ۽ فيڊر ٺيڪي تي پرائيويٽ ماڻهونھن جي حوالي ڪيو ويو آهي ۽ لائين سپريٽنڊنٽ امتياز سولنگي پرائيويٽ ماڻھون جي مدد سان شھر ۾ رشوت عيوض سوين ناجائز بجلي جا ڪنيڪشن ھلائي ٿو نتيجي ۾ شھرين ڏانهن بجلي جا ڳرا بل اماڻياپيا وڃن.  ۽  بجلي جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي 24ڪلاڪن مان صرف 6 ڪلاڪ بجلي ڏني وڃي ٿي جنهن جي ڪري شهر جو ڪار ونھنوار سخت متاثر ٿيو آهي جڏهن ته شهرين کي واٽر سپلا جي پيڻ جي پاڻي جي فراهمي نه ٿي ٿي سگهي جنهن جي ڪري شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو احتجاج ڪندڙن وڌيڪ چيو ته آھڙي قسمن جون شڪايتون سيپڪو دادو ٽو جو ايس ڊي او عزيز پنھور ۽ سيپڪو دادو جو ايڪسيئين ۽ ايس ئي کي پڻ شڪايتون ڪيون آهن پر ان جو ڪو به ازالو نه ٿو ڪيو وڃي احتجاج ڪندڙن چتاء ڏيندي چيو ته شھر مان بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ جو آزار ۽ شهرين ڏانهن بجلي جا واڌو بل موڪلڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي جي نه ته ٻي صورت ۾ ايس اي سيپڪو دادو جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.