سيف طرفان 49 اسڪولن جي شاگردن لاءِ اسڪالرشپ

ڪراچي (پ ر) سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن پاران 49 سرڪاري اسڪول ۽ ايس اِي ايف جي شاگردن لاءِ اسڪالرشپ ايواڊ، گذريل ٻن ڏهاڪن  کان وٺي، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن (ايس اِي ايف) مختلف تعليمي پروگرامن ذريعي سنڌ جي ٻارن کي معياري تعليم مھيا ڪري رهيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ فائونڊيشن پنھنجي اسڪالرشپ پروگرام: سنڌ اسڪول ايجوڪيشن اسڪالرشپ پروگرام (ايس ايس اي ايس پي) جيڪو هڪ قابل ذڪر ۽ بھترين پروگرام آھي، جنهن تحت ھن وقت سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن  2791 شاگردن کي سنڌ ۽ پاڪستان جي معياري تعليمي ادارن ۾ پوسٽ پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسڪالرشپ ڏئي رھيو آھي.  ايس اِي ايف ھن وقت ڇهن معتبر تعليمي ادارن سان ڀائيواري ڪئي آھي، جن ۾ آئي بي اي سکر جي پبلڪ اسڪول اينڊ ڪميونٽي ڪاليجز سکر، حيدرآباد، پبلڪ اسڪول ميرپور خاص، پبلڪ اسڪول گڏاپ ڪراچي، اين جي وي ھائير سيڪنڊري اسڪول ڪراچي ۽ ڊاڪٽر اي ڪيو خان اسڪول سسٽم اسلام آباد شامل آهن. انهن ڇھن تعليمي ادارن ذريعي ڪرائي ويندڙ انٽري ٽيسٽ کي پاس ڪندڙ شاگردن کي ميرٽ جي بنياد تي اسڪالرشپ ڏني وئي آهي.  وڌيڪ اھو ته هن سال فائونڊيشن، 49 صوبي جي سرڪاري اسڪولن ۽ ايس اِي ايف (SE&LD or SEF) جي اسڪولن ۾ پڙهندڙ شاگردن، جن جنرل ميرٽ جي بنياد تحت بختاور ڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز شهيد بينطيرآباد ۾داخلا حاصل ڪئي آهي تن لاءِ اسڪالرشپ منظور ڪئي آهي. هي اسڪالرشپ شاگردياڻين کي سنڌ جي بهترين تعليمي اداري ۾ اعليٰ تعليم جاري رکڻ لاءِ تمام سهڪاري ثابت ٿيندي خاص طور تي ڪووڊ  سبب پيدا ٿيل صورتحال جنهن سبب ڪيترائي خاندان معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ان کانسواءِ فائونڊيشن، صوبي جي ٻين ڪيڊٽ ڪاليجز سان ساڳي طرز تحت شراڪتداري ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهيو آهي ته جيئن سرڪاري اسڪولن جي شاگردن کي اعليٰ تعليم جي حصول لاءِ وڌيڪ سهائتا ڪري سگهجي.  سنڌ حڪومت عزم ڪيو آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي معتبر تعليمي ادارن تائين رسائي فراهم ڪئي وڃي خاص طور تي ڪووڊ جي هن صورتحال ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن، حڪومتِ سنڌ جي ان عزم لاءِ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ڪوششان آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.