ايران ۾ گرفتار وڌيڪ 127 پاڪستاني سرحد تي ليويز حوالي

چاغي (م ڊ ) ايراني عملدارن ايران رستي يورپ ويندڙ  وڌيڪ 127 پاڪستانين کي گرفتار ڪري تفتان سرحد تي ليويز حوالي ڪري  ڇڏيو. ليويز عملدارن مطابق ڄاڻايل ماڻهن ايران رستي يورپ وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا جن کي ايراني عملدارن مختلف علائقن مان گرفتاري ڊي پورٽ ڪيو.

سنڌ سرڪار انساني حقن جي تحفظ لاءِ خاص اپاءَ وٺي رهي آهي: هري رام

ڪراچي (رپورٽر ) خوراڪ ۽ اقليتي معاملن واري صوبائي وزير هري رام ڪشوري لال چيو آهي ته سنڌ سرڪار انساني حقن جي تحفظ لاءِ خاص طور تي اقليتي برادري  لاءِ خاص اپاءَ وٺي رهي آهي، اهڙو اظهار هن ڪالهه پنهنجي آفيس ۾ وزيراعليٰ سنڌ جي انساني حقن بابت خاص معاون وير جي ڪولهي سان ملاقات ۾ ڪيو، صوبائي وزير هري رام ڪشوري لال چيو ته انساني حقن جي تحفظ لاءِ عملي ڪم ٿي رهيو آهي، جڏهن ته انساني حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۾ سول سوسائٽي ۽ ميڊيا سميت اين جي اوز جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. ان موقعي تي اقليتي معاملن واري کاتي پاران اقليتي برادري جي عبادت گاهن لاءِ جاري ترقياتي منصوبن، ٿرپارڪر جي رهائشي  اقليتي برادري جي مستحقن جي مالي مدد سميت موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بعد ۾ هري رام ڪشوري لال عام ماڻهن سان به ملاقات ڪئي. انهن جا مسئلا ٻڌا ۽ موقعي تي ئي انهن جي حل لاءِ لاڳاپيل آفيسرن کي حڪم جاري ڪيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.