متحده پنهنجي ڪرتوتن سبب ختم ٿي وئي: ناصر شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي وفاقي وزير امين الحق جي سنڌ حڪومتتي تنقيد سمجھه کان ٻاهر آهي، هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي وزيرن کي وفاقي حڪومت پاران لولي پاپ ڏنو ويو ۽ ان تي هو خوش آهن، بنا ڪنهن فرق جي عوام جي خدمت جاري رکنداسين. هن چيو ته اسان ڪراچي جي شهرين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، وسيم اختر چيوهو ته پيپلزپارٽي جي قبضي هيٺ سنڌ حڪومت آهي، وسيم ڀاءُ! توهان  قبضا ڪرڻ ڄاڻو ٿا جڏهن ته اسان کي عوام چونڊيو آهي ۽ اسان حقيقي عوام جا نمائندا آهيون. هن چيو ته وسيم اختر کان ڪوبه پڇي ته هن بطور ميئر ڪراچي لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ ڪراچي مان ايم ڪيو ايم جو ختم ٿيڻ هنن جي پنهنجي ڪرتوتن جو نتيجو آهي، ڪراچي جي ماڻهن هنن کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي، ناصر شاهه چيو ته پيپلزپارٽي ڪراچي ۾ روڊ، انڊرپاس، فلائي اوور ۽ پاڻي جهڙن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي گهرجي ها ته هوءَ سنڌ حڪومت جي انهن ترقياتي ڪمن جي حمايت ڪري پر افسوس انهن کي تنقيد کانسواءِ ڪجهه نظر نٿو اچي   سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ آبادي جي عالمي ڏهاڙي جي  حوالي سان ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پاڪستان دنيا ۾ تيزي سان وڌندڙ آبادي واري ملڪ طور سڃاتو وڃي ٿو 2017 واري تڪراري آدم شماري موجب سنڌ جي آبادي 47.89 ملين ڏيکاري وئي آهي پر صوبي ۾ ان کان علاوه به ٻين صوبن مان لڏ پلاڻ گھڻي ٿي رهي آهي جنهن سبب صوبي جي وسيلن تي بار وڌي ويو آهي. سيد ناصر حسين شاھ چيو ته آبادي تي ضابطو آڻي اسان معاشي ترقي کي ممڪن بڻائي سگهون ٿا. هن چيو ته فقط هڪ ڏينهن کي فوڪس ڪري اسان ڪاميابي نٿا ماڻي سگهون. آبادي ۾ واڌ کي ڪنٽرول ڪرڻ فقط هڪ ماڻهو لاءِ ممڪن ناهي ان لاءِ هر ماڻهون کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو ته اسان ننڍڌپڻ ۾ ٽي وي تي ٻه ٻار خوشحال گھراڻي جي ڳالهھ ٻڌندا هئاسين پر ڪنهن به عمل نه ڪيو ۽ ماڻهن جا پنج پنج ٻار ٿي ويا. پر نئين نسل ۾ آگاهي پيدا ٿي آهي ۽ هاڻ نئين نسل ان تي عمل شروع ڪيو آهي. هاڻي عالم سڳورا پڻ آبادي تي ڪنٽرول جي تائيد ڪن ٿا. سيد ناصر حسين شاھ چيو ته ايجوڪيشن، فوڊ، هيلٿ ۽ ٻين شعبن جيان پاپوليشن ويلفيئر جي شعبي ۾ به ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ تي آبادي جو دٻاءُ  وڌي رهيو آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر افغانستان ۾ حالتون سـٺيون ناهين جنهن جيڪري افغان پناهگيرن جي اچڻ جو خدشو آهي اسان انهن جو وڌيڪ بار نٿا کڻي سگھون عالمي قانونن تحت اسان انهن کي روڪي نٿا سگھون پر قانون تي عمل ڪندي انهن کي ڪيپمن ۾ تائين محدود رکيو وڃي. هن چيو ته وفاقي حڪومت افغان پناهگيرن کي ڪيمپن ۾ محدود رکڻ لاءِ اُپاءَ وٺي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت پاپوليشن ويلفيئر کاتي کي وڌيڪ فوڪس ڪيو آهي ۽ ان کي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي ته جيئن ڏورانهن علا ئقن ۾ رهندڙ عام ماڻهن کي به سهولتون مهيا ڪيون وڃن ۽ ڊسپينسري جي سطح تي ماڻهن کي ان حوالي سان حمل کي روڪڻ واري دوائن جي فراهمي سان گڏوگڏ ڀرپور آگاهي به فراهم ڪري سگھجي. سيمينار کي صحت کاتي بابت پارليماني سيڪريٽري قاسم سومرو، ايم پي ايز ندا کهوڙو، سعديه جاويد، پرزيڊنٽ زيبسٽ شهناز وزير علي، صحت کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم جتوئي، آبادي جي ڀلائي واري کاتي جي سيڪريٽري ريحان بلوچ، ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر سي آئي پي طالب لاشاري، ايڪٽنگ ڪنٽري ريپريزنٽيٽو يو اين ايف پي اي Bakhior Kadrove، عالمي بئنڪ جي ڊاڪٽر سميرا ۽ ڪينيڊين هائي ڪميشن جي فرسٽ سيڪريٽري ايملي ملروئي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.