ڪرم ايجنسي ۾ فورسز جي آپريشن ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، 2 جوان شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڪرم ايجنسي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ٻه جوان شهيد به ٿي ويا آهن.

آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ڪرم ايجنسي جي علائقي زيوا ۾ سرچ آپريشن ڪيو، جتي ٽن دهشتگردن کي ماريو ويو.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري ٻڌايو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه جوان 25 ورهين جو ڪيپٽن باسط ۽ 22 ورهين جو سپاهي بلال شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن جاري آهي ۽ علائقو دهشتگردن کان پاڪ ڪرايو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.