ڪراچي، سڳيون، ڄامشوري، ڪنڌڪوٽ ۽ غوثپور جون خبرون

ڪراچي:عوامي ورڪرز پارٽي پاران سينگار نوناري جي گمشدگي خلاف احتجاج

سڳيون ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي

ڄامشورو: نئين بارڻ ۾ گند ڪچرو اڇلائڻ خلاف رهواسين جو احتجاج

ڪنڌڪوٽ:غريب آباد واسڻ ناري جون مڙس جي زيادتين جون دانهون

غوثپور: گهوٽڪي پوليس پاران صحافين کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج

1

عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ سينگار نوناري جي گمشدگي خلاف سنڌهاءِ ڪورٽ ڪراچي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، احتجاج سنڌ ھاء ڪورٽ جي مک گيٽ آڏو ڪيو ويو ، مظاھري ۾ عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي صدر بخشل ٿلهو. عاليا بخشل ٿلهو، جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ خالق جوڻيجي ، شفيع شيخ  سميت وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ ، ملڪ جي آئين ۽ قانون جي خلاف ورزي ۽ انساني حقن جي لکيل لتاڙ آهي،

هنن مطالبو ڪيو ته سينگار سميت مڙني سياسي ڪارڪنن کي ظاھر ڪري عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي.

2

سڳيون ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾بدامني چوٽ چڙهي وئي، چوريون روز جو معمول بڻجي ويون،گذريل رات ڳوٺ محمد حسن قريشي مان نامعلوم چور استاد علي مراد قريشي جي گھر کي کاٽ هڻي لکين رپين جي ماليت جا سونا زيور روڪ رقم ڪپڙا، قرباني لاءِ ورتل هڪ ڀلوڙ نسل جو ڇيلو ۽ٻيو قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا ، علائقي واسين آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر، ايس ايس پي خيرپور ۽ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي ڏنو وڃي .

3

حيدرآباد, ڪوٽڙي ۽ ڄامشورو سميت ڊويزن جي ڪيترن ئي ننڍن وڏن شهرن جو گٽرن جو گند ڪچرو کڻي ڄامشورو جي ڪوهستاني علائقي لوڻي ڪوٽ ڀرسان نئين بارڻ ۾ اڇلائڻ تي سنڌ سولڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ خلاف علائقي واسين حضور بخش کوسو, علي شير کوسو, مير خان شورو, شير زمان شورو ۽ ٻين جي اڳواڻي ڄامشورو ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل بورڊ کي ڳوٺن ڀرسان ڪچرو اڇلائڻ کان روڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

4

ڪنڌڪوٽ جي غريب آباد پاڙي جي رهواسڻ  پاران پنهنجي مڙس خلاف معصوم ٻارڙن سان گڏجي احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي مسمات سھجان خاتون ميراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس مڙس محمد خان ميراڻي گذريل نون مهينن کان وٺي دبئي ۾ آهي جنهن کان هن پنهنجي گهر جو چرخو هلائڻ لاء خرچو گهريو ته هن مٿس ڪارنهن جو ڪوڙو الزام هنيو ۽ ھاڻي وري 10 سالن جي معصوم نينگري ڪائنات کي پڻ منهنجي ڀاء جي پٽ جيڪو پڻ 9 ڪلاس جو شاگرد آھي ان سان ڪارو قرار ڏنو اٿس ،هن چيو ته هن سهري ۽ چڱن مڙسن کي شڪايت ڪئي ۽ عدالت ۾ به درخواست ڏني پر واهر نه ٿي،  ٻئي طرف ڪارنهن الزام هيٺ آيل نينگر مظهر علي چيو ته ڪائنات سندس ڀيڻ آھي سندس پڦڙ ڪوڙو ڪارنهن  جو الزام هنيو آھي

5

غوثپو ۾ گھوٽڪي پوليس پاران ھڪ ڏينھن اڳ کنڀيل صحافي علي اڪبر سنڌي ۽ زمان اوڳاھي  جي واقعي خلاف اوڳاھي برادري ۽ سول سوسائٽي جي ڪيترن ئي ماڻھن  پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،  شهرين  ثناء الله اوڳاھي۔ سعاد الله اوڳاھي۔ حبيب الله ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته ناحق گرفتار ڪيل زمان ، علي اڪبر ۽ يعقوب اوڳاھي کي ترت آزاد ڪري انهن سان انصاف ڪيو وڃي۔ هنن چتاءُ ڏنو ته انهن سان انصاف نه ٿيو  ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔۔

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.