ڪنب لڳ پوليس چڙهائي، فائرنگ، احتجاج

ڪنب ( رپورٽ خدا بخش تمراڻي )ڪنب لڳ ڳوٺ بکو خان لاشاري ۾ زمين معاملي تي هلندڙ سومرا عباسي ۽  ڀٽي تڪرار جي سلسلي ۾  مختلف ٿاڻن جي پوليس زمين تان قبضو ختم ڪرائڻ لاء پهتي ته پوليس ۽ ڳوٺاڻن وچ ۾ هوائي فائرنگ پڻ ٿي ڳوٺاڻن ۽ پوليس ۾ ٿيل هوائي فائرنگ بعد پوليس واپس رواني ٿي وئي، ٻي طرف ڳوٺاڻن امير سومرو سينگار سومرو عورتن ۽ ٻارڙن سميت پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته پوليس ۽ ڀٽي برادري جي ماڻھن بلاجواز اسانجي گهرن تي چڙھائي جي ڪوشش ڪئي ۽ هوائي فائرنگ ڪري ڳوٺ خوف وهراس ڦھلايو هنن چيو ته پوليس بااثرن جي چوڻ تي تنگ ڪري رهي آھي ۔ رابطي ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته ڌرين وچ ۾ زمين تي قبضي جو مامرو هلندڙ آھي جنهن ۾ سومرا ڌر مٿان ڪيس داخل ٿيل آھي معاملي جي جاچ لاء پهتاسين ته اوچتو فائرنگ ڪئي ويئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.