اوٻاوڙو مان پاڻي واري تان پيرسن اغوا، وارث پريشان

اوٻاوڙو ( رپورٽ : عبدالحئي ڇڄڻ ) اوٻاوڙو ۾ اغوائن جي وارداتن ۾ گھتائي نه اچي سگھي پوليس علائقي جي عوام کي ڏوھارين جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو علائقي واسي پريشان کنڀڙا ٿاڻي جي حد مريد شاخ لڳ  ڳوٺ جماالدين دشتي جو رھواسي 50 ورھن جو شملا دشتي گذريل رات ڪمند جي فصل کي پاڻي ڏيڻ ويو ته ھن وقت تائين واپس نه موٽيو وارثن پاران اغو جو شڪ  وارثن   کنڀڙا پوليس کي اطلاع ڏنو مگر پوليس مغوي جي ڳولا لاءِ ڪي به اپاءَ  ورتا وارث پريشان، ان  موقعي جي  مغوي جي وارثن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو اسان جي ڪنھن سان دشمني نه آھي شملا گذريل رات فصل کي پاڻي ڏيڻ لاءِ  ويو ته اڃان تائين گھر نه موٽيو آھي جنھن جي مائٽن دوستن وٽ ڪافي ڳولا   باوجود خبر نه پئجي سگھي آھي لڳي ٿو ته  ھو اغوا ٿي ويو   آھي، اطلاع باوجود کنڀڙا پوليس اسان جي مغوي کي بازياب ڪرائڻ لاءِ  ڪا به مدد آھي اسين  ايس ايس پي گھوٽڪي همراهه بازياب ڪرائي گھر ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.