پنو عاقل جا 3 نوجوان پر اسرار نموني گم ، وارثن کي اغو اشڪ، ڪيس داخل

پنوعاقل  ( رپورٽ: نور محمد سومرو) پنوعاقل لڳ 3 ڄڻا پراسرار نموني گم ٽن ڏينھن جي مسلسل ڳولھا باوجود گھر نه پھچڻ تي  وارثن پاران /اغوا جو شڪ بائجي ٿاڻي تي اين سي داخل، گھرن ۾ مايوسي جي لھر ڳولھا جاري، خبر موجب بائيجي ٿاڻي جي حد چونگھا سي پيڪ ۽ ڳوٺ جي وچ مان 3 ڏينھن اڳ مبينا طور ڪلھوڙا برادري جا 20 ورهين جو  علي رضا ولد محراب، 22 ورهين جو  اختيار ولد شمس الدين ۽ 26 ورهين جو فرحان ولد ممتاز ڪلھوڙو ويٺل ڳوٺ چونگھا ٽي ڏينھن اڳ رات جو پنھنجي ڳوٺ گھرن ڏانھون ويندي رستي مان گم ٿي وڃڻ بعد ٻن ڏينھن تائين مسلسل ڳولھا کانپوءِ آچر ڏينھن بائيجي ٿاڻي تي نوجوانن جي وارثن پاران نوجوانن جي گم اغوا ٿيڻ جو  اطلاع ڏنو ويو آھي ،جڏھن ته  سومر ڏينھن ڪلھوڙا برادري جي ڳوٺاڻن جھر جنگ ڳولھا ۽ سوشل ميڊيا تي پوسٽ رکڻ بعد علائقي ۾ ٽن نوجوانن جي اغوا تي حراس ڇائيجي ويو آھي، سندن گهر ۾ ڪهرام متل آهي، هوڏانهن ايس ايڇ او بائجي الھوڌايو پتافي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته چونگھا ڳوٺ جا 3 نوجوان اغوا نه ٿيا آھن،پر گم ٿيڻ جا اطلاع آھن اسان کين کي ھٿ ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪن پيا.

رھيا آھيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.