سوڀيديري ۾نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيا، وارثن جو ٽائر ساڙي ڌرڻو

سوڀوديرو (ن ع آ) سوڀوديرو لڳ ڳوٺ نواڙو جي رھواسين سيد ليمن شاھ سيد يتيم شاھ۔فيروز ڀاڳت۔فياض ڪمبوھيو۔نصرالله دربان۔نجف اوٺي ۽ ٻين قرآن پاڪ مٿي تي کڻي ٽائرن کي باھيون ڏئي  سوڀوديرو نواڙو روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ۽ نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو ھنيو ان موقعي پيرسن سيد يتيم شاھ زاروقطار قطار روئندي قرآن پاڪ ھٿ ۾ کڻي چيو ته پوڻا ٻه مھينا اڳ مقتول نوجوان سجاد چنڊي کي قتل  ڪيو ويو ھو جنھن جي قتل جا اصل قاتل گرفتار نه ٿي سگھيا آھن ان قتل جي ڪيس ۾ منھنجو پٽ پندرھن سورھن سالا محسن علي شاھ کي انڪوائري بھاني خيرپور گھرائي گرفتار ڪيو ويو آھي جنھن تي بيگناھ انسانيت سوز تشدد ڪيو پيو وڃي ھن چيو ته گرفتار ٿيل منھنجو پٽ سيد محسن ڪجھ سال اڳ ايڪسيڊنٽ ۾ ان جون ٽنگون ۽ ٻانھون ڀڳل آھن جن ۾ راڊون ۽ وائرنگ لڳل اٿس جيڪو معزور آھي مظاھرين چيو ته ان قتل ڪيس ۾ اڳ ۾ به ھڪ بيگناھ صدام ڪمبوھيو گرفتار ٿيل آھي ھنن الزام ھنيو ته مقتول سجاد چنڊي جا قاتل پنھنجا گھرجا ڀاتي آھن جيڪا جاچ دوران اڳوڻي ايس ايڇ او سوڀوديرو ھاشم ھڪڙو کي اصل خبر پئجي چڪي ھئي ان کي مقتول جي بااثر وارثن بدلي ڪرائي ڇڏيو متان اصل قاتلن کي نه نروار ڪري.  ھنن چيو ته پوليس جي اعلي عملدارن کي به  مقتول جي اصل  قاتلن جي خبر آھي پر انھن بااثر قاتلن کي گرفتار نه ٿي ڪري بيگناھ ٻين مسڪينن کي گرفتار ڪري اصل جوابدارن کي بچائي پئي۔ٻئي طرف ايس ايڇ او سوڀوديرو سڪندر علي سومرو ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته مقتول سجاد چنڊي جي قتل جي جاچ مون وٽ نه آھي مقتول جا وارث انڪوائري ري اوپن لاء عدالت سڳوري ۾ ويا ھيا عدالت جي حڪم تي ايس ايس پي خيرپور انسپيڪٽر وحيد مراد کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو آھي جنھن مقتول جي وارثن جي بيانن آڌار محسن شاھ کي گرفتار ڪري رمانڊ ورتو آھي ۽ اھو جاچ ڪري پيو ڳوٺاڻن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آء جي سنڌ۔ڊي آء جي سکر۔ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته مقتول سجاد چنڊي جي قتل جي قرآن پاڪ تي نواڙو شھر ۾ کليل انڪوائري ڪرائي وڃي اصل قاتل گرفتار ڪري گرفتار ٿيل بيگناھ سيد محسن شاھ ۽ صدام ڪمبوھ کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.