ڪنڌڪوٽ ۾ آبادگارن جو مراد واهه ۾ پاڻي کوٽ خلاف ٻئي ڏينهن به ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ:  عرفان علي کوسو)ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي ملهير اسٽاپ وٽ آبادگارن جو مراد واهه شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف انڊس هاءِ وي تي ٻئي ڏينھن به ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. انڊس هاءِ وي روڊ  بلاڪ هجڻ ڪري ايندڙ ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون ۽ آبادگارن انڊس هاءِ وي تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ضلعي انتظاميا سميت ايريگيشن عملي خلاف شديد نعري بازي ڪئي.آبادگارن شير علي،عباس،اختر۽ ٻين جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن به انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو سين ۽ ڊي سي ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو ۽ ان وعدو ڪيو ته رات تائين پاڻي شاخ ۾ پهچي ويندو پر صبح تائين به پاڻي شاخ ۾ نه پهتو.هنن چيو ته زمينن تي ٻجارو ڪري ڇڏيو آهي پر مراد واهه شاخ تي پاڻي نه پهچڻ سبب ٻجارو سڙي رهيو آهي ۽ لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي ۽ هزارين جريب زمين بنجر بڻجي رهي آهي هنن الزام هڻندي چيو ته ايريگيشن عملو پاڻي رشوت عيوض بااثرن کي وڪرو ڪري رهيا آهن جيڪي مڇي جي فارمن ۽ پنهنجي زمينن کي پاڻي پهچائي رهيا آهن هنن چيو ته اسان سان ٻٽو ظلم ٿي رهيو آهي ايريگيشن جي رشوت وٺندڙ عملي خلاف ڪاروائي ڪري پاڻي مراد واه شاخ تي پهچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.