سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ دودي ڀيل ڪيس جي ٻڌڻي، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي پيش ٿيندا

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾ ٻه هفتا اڳ سيڪيورٽي گارڊن جي وحشياڻي تشدد بعد فوت ٿي ويل پورهيت دودو ڀيل ڪيس جو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ پاران ورتل پاڻمرادو  نوٽيس تي ڪيس جي اڄ اهم ٻُڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿيندي،ٻُڌڻي چيف جسٽس احمد علي شيخ پاڻ ڪندو،سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حُڪم تي ڊي آءِ جي ميرپورخاص ذوالفقار مهر ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر حسن سردار نيازي عدالت ۾ پيش ٿيندا،جڏهن ته عدالتي  حڪمن بعد ڪيس جي جاچ ڪندڙ ڊي آءِ جي حيدرآباد شرجيل کرل رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائيندو،جنهن بعد عدالت ۾ دودي جو ڪيس هلندو،مقتول دودي ڀيل ڪيس جي پيروي ناميارو وڪيل ڀڳوانداس ڀيل ۽ ٻيا ڪندا،ڀڳوانداس ڀيل وڪيلن جي پينل سان گڏ دودي ڪيس جي مڪمل تياري ڪرڻ بعد هاءِ ڪورٽ پهچي ويو آهي،اُنهي سان گڏ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار،حيدرآباد بار،ميرپورخاص بار ۽ ٿرپارڪر بار جا وڪيل به دودي ڪيس ۾ ڌُر بڻجي بيهندا،رابطي تي وڪيل ڀڳوانداس ڀيل عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته دودي ڀيل کي اينگرو ڪمپني جي سيڪيورٽي گارڊن تشدد ڪري ماريو،جنهن جو ڪيس به داخل ٿيل آهي،جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪندڙن تي پوليس تشدد ڪري دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو،شيلنگ ۽ ڳوڙها آڻيندڙ  گئس جو استعمال ڪيو ويو،دودي ڪيس جو مانواري چيف جسٽس سنڌ پاڻمرادو  نوٽيس ورتو هو،جنهن جي اڄ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اهم ٻُڌڻي ٿيندي،آئون ۽ ٻيا وڪيل دوست دودي جو ڪيس وڙهنداسين،اسان پنهنجي مڪمل تياري سان پهچي ويا آهيون،چيف جسٽس جي آڏو سموريون حقيقتون ۽ ظلم بيان ڪنداسين،اڄوڪي ٻُڌڻي انتهائي اهم آهي،اسان کي عدالتن مان انصاف جي مڪمل اُميد آهي ته دودي جي وارثن کي عدالتن مان انصاف ملندو،ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر کي عدالت طلب ڪيو آهي ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد دودي ڪيس جي جاچ رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائيندو،ياڌ رهي ته مقتول دودي ڀيل سميت وڌيڪ ٻن پورهيتن غلام قادر کوکر ۽ مورو ڀيل کي اينگرو ڪمپني جي سيڪيورٽي گارڊن چوري جي الزام هيٺ پڪڙي نجي جيل ۾ ڏھ ڏينهن قيد رکي وحشياڻو تشدد ڪري بعد ۾ مٿن  چوري جو ڪيس داخل ڪرايو هو ،جنهن بعد دودو زخمن جا سُور نه سهندي حيدرآباد ۾ فوت ٿي ويو هو ۽ ٻه پورهيت غلام قادر کوکر ۽ مورو ڀيل اڄ به زخمي حالت ۾ آهن،دودي جي فوت ٿيڻ بعد ميڊيا ۾ ٿيل ڪوريج  تي واقعي جو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو،اُنهي ورتل نوٽيس تي اڄ سنڌ هاءَ ڪورٽ ۾ دودي ڪيس جي ٻُڌڻي چيف جسٽس سنڌ پاڻ ڪندو،ٻئي پاسي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران دودي ڀيل واقعي جو نوٽيس وٺڻ ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي ڏنل جاچ جي حُڪم بعد وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي هدايتن تي توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ، سردار شاھه ۽ تيمور ٽالپر تي ٻڌل ٽي رُڪني وزارتي ڪميٽي پاران جاچ مڪمل ڪري دودي ڀيل تي تشدد بعد موت ٿيڻ جي تصديق ڪندي شروعاتي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي،سنڌ حڪومت پاران اِها رپورٽ اڄ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائڻ سميت دودي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جون ضمانتون رد ڪرائڻ بابت عدالت سان رابطي جو فيصلو ڪري ورتو آهي،وزارتي ڪميٽي جي سربراھه صوبائي وزير امتياز شيخ تصديق ڪندي چيو آهي ته دودي ڀيل جو موت تشدد سبب ٿيو،جوابدارن خلاف ڪيس داخل ٿيل آهي،اسان جاچ مڪمل ڪري وڏي وزير کي موڪلي ڇڏي آهي،اِها رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائڻ سميت دودي جو ڪيس وڙهڻ لاءِ جوابدارن جون ضمانتون رد ڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائبي،جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف ٽيمون جوڙيون ويون آهن،دودي جو ڪيس سنڌ حڪومت مفت ۾ وڙهڻ جو فيصلو اڳ ۾ ئي ڪيو هو،دودي جي ڪيس جي وارثي ڪبي،وارثن کي انصاف ڏيارڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪبي،

انجنيئر هريش جي وارثن سان ڪمپني هفتي ۾ انصاف ڪري: امتياز شيخ

مٺي: ٿرڪول بلاڪ ون ۾ 25 ڏينهن اڳ سيفٽي آفيسر طور جوائننگ ڪرڻ بعد دل جو دورو پوڻ ۽ وقت سر علاج نه ٿيڻ ڪري فوت ٿي ويل  ڏيپلي جي ڳوٺ ويڙهيجپ واسي 24 ورهين جي انجنيئر هريش ڪمار ميگهواڙ جي وارثن نوجوان جي پيءُ ڪرشن ميگهواڙ پاران پ پ انفارميش سيڪريٽري نندلال مالهي سان گڏجي ڪالهھ ڪراچي ۾ توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ سان ملاقات ڪري ظلم جون دانهون ڪيون،جنهن تي صوبائي وزير امتياز شيخ سائينو سنڌ ڪمپني جي سي اي او قيوم چوڌري سان فون تي رابطو ڪري فوتي نوجوان جي وارثن جي ڪا به واهر نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هڪ هفتي جي مهلت ڏيندي ڌمڪي  ڏني،صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته اڍائي مهينا گذري ويا آهن هڪ نوجوان انجنيئر ڪمپني جي لاپرواهي سبب فوت ٿي ويو آهي پر توهان جي ڪنهن به ذميوار آفيسر متاثرن جي مدد ته ٺهيو  اُنهن جي تڏي تي وڃڻ جي زحمت ناهي ڪئي،اِها لاپرواهي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪبي،وڃو ۽ وڃي فوتي هريش جي وارثن کي راضي ڪيو نه ته سخت ڪاروائي لاءِ تيار ٿي وڃو،ڪمپني ۾ علاج جون ڪي سهولتون ناهن جو اُتي نوجوان فوت ٿي رهيا آهن،توهان خاموش ويٺا آهيو،توهان کي خبر آهي ته هريش کي وارثن ڪيئن چين ۾ پڙهايو هوندو،ڪو ته احساس هجڻ گهرجي،امتياز شيخ هريش جي پيءُ ڪرشن ميگهواڙ کي چيو ته توهان جي نوجوان جي فوت تيڻ تي ڏُک پهتو آهي،مون ڪمپني جي سي اي او کي سختي سان چيو آهي ته هڪ هفتي اندر هريش جي وارثن سان انصاف ٿيڻ کپي،هريش جي پيءُ ڪرشن ميگهواڙ عوامي آواز کي ٻُڌايو ته صوبائي وزير امتياز شيخ سائينو سنڌ ڪمپني جي سي اي او قيوم چوڌري کي فون ڪري چيو آهي ته هريش جو موت ڪمپني جي لاپرواهي سبب ٿيو آهي،جنهن جي ذميوار ڪمپني آهي،صوبائي وزير اسان کي چيو آهي ته هريش جي موت جي ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو،جن جي لاپرواهي سبب نوجوان فوت ٿيو آهي،هن چيو ته اسان معاوضي جو طئه ناهي ڪيو نه وري معاوضي تي ڳالهھ ٻولهھ ٿي آهي،اسان کي هريش جو خون جو انصاف گهرجي ٿو،

واقعي جي وزيراعظم ۽ آرمي چيف کي ڄاڻ ڏني، ڌرڻي ۾ ايندس : شاهه محمود

مٺي:دودي ڀيل واقعي ۽ بيگناهن کي گرفتار ڪري تشدد دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف شاھ محمود قريشي پاران عيد بعد مٺي  ۾ اعلانيل ڌرڻي جي وزيراعظم عمران خان اجازت ڏيئي ڇڏي،اُنهي سلسلي ۾ پرڏيهي وزير مخدوم شاھه  محمود قريشي پاران وڪيل لجپت راءِ سوراڻي سان ٽيليفون تي رابطو ڪري وقافي حڪومت جو مڪمل سهڪار گڏ هجڻ جو يقين ڏيارڻ سان گڏ عيد بعد مٺي ۾ دودي ڀيل جي وارثن سان گڏجي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي،شاھ محمود قريشي چيو آهي ته مون وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف قمرزمان باجوا سان رابطو ڪري واقعي بابت آگاھ ڪيو آهي،وفاقي حڪومت مڪمل طور تي متاثرن سان گڏ آهي،ايس ايس پي نيازي صاحب،ڪن کولي ٻُڌي ڇڏ،آئون پاڻ عيد بعد ٿر پهچي ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندس، همٿ هجي ته اچي مونکي گرفتار ڪجان،تنهنجي بدمعاشي هلڻ نه ڏبي،تو هڪ لجپت ڀيل تي تشدد ناهي ڪيو،سمجهي ڇڏ منهنجي پُٽ تي تشدد ڪيو آهي،پيپلن جي اشاري تي جيڪو ڪجھه تو ڪيو آهي اُنهي جو حساب ڪتاب ڏيڻو پوندو،

پوليس ڳجهي هنڌ ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد ڪيو : لجپت سوراڻي

مٺي: ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾ اينگرو ڪمپني جي سيڪيورٽي گارڊن هٿان تشدد بعد فوت ٿيل پورهيت دودي ڀيل جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ  اسلام ڪوٽ ۾ ڌرڻو هڻي ويٺلن کي پوليس پاران گرفتار ڪرڻ بعد مختلف انڪشاف سامهون آيا آهن،پوليس پاران وڪيل لجپت راءِ سوراڻي ۽ گومون ڀيل کي اسلام ڪوٽ ڌرڻي مان گرفتار ڪري اکيون ٻڌي ننگرپارڪر کڻي ويئي،جتي هڪ نجي جگهھ جي ٺهيل چونئري ۾ هنن کي اُڇلايو ويو،جنهن بعد وڪيل لجپت راءِ سوراڻي کي پوليس ڪپڙن کان آجو ڪري  تشدد ڪيو ۽ دودي ڀيل ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ۽ لجپت سوراڻي پاران ڪيس تان هٿ نه کڻڻ تي پوليس ڪپڙن کان مڪمل آجو ڪري سخت تشدد بعد وڊيو رڪارڊ ڪئي،رات جو 12 وڳي  گرفتار ڪرڻ بعد صبح ٻيهر اسر ويل هنن کي ننگرپارڪر مان کڻي ميرپورخاص نيو ويو،لجپت راءِ سوراڻي گذريل ڏينهن پريس ڪلب اسلام ڪوٽ پهچي ساڻس پيش آيل واقعي جا سمورا پول کولي ڇڏيا، مونکي ڪپڙن کان بلڪل آجو ڪري تشدد ڪرڻ بعد اعتراض جوڳيون وڊيوز رڪارڊ ڪري ڌمڪيون ڏنيون ويون ته دودي ڀيل جي ڪيس ۽ احتجاج تان هٿ کڻ نه ته تنهنجو حشر بُرو ٿيندو،توکي ماري ڇڏينداسين،لاش به واپس وارثن کي نه ملندو،ننگرپارڪر جي پهاڙن ۾ اسان کي هڪ جيپ ۾ ويهاري کنيو ويو،اُهو پرائيويٽ لانگ جيپ هڪ سي آءِ اي اهلڪار رمضان ڳاهو هلائي رهيو هو،

شاهه محمود، ارباب رحيم ۽ لجپت دودي ڪيس تي سياست پيا ڪن: پ پ

مٺي: شاھه محمود قريشي،ارباب رحيم ۽ لجپت سوراڻي دودي ڀيل ڪيس تي سياست پيا ڪن،پ پ ٿر پي ٽي آءِ تي الزام هڻندي سخت  ردعمل ظاهر ڪري ڇڏيو،اُنهي سلسلي ۾ پ پ ضلعي صدر ۽ سينيٽر انجنيئر گيان چند ٿاهراڻي چيو آهي ته پورهيت دودي ڀيل جو ڪيس سنڌ حڪومت پاڻ وڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ اُنهي سان گڏ دودي جي وارثن کي هڪ ڪروڙ معاوضي سميت زخمين کي 50-50 لک ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي،اسان سمورا چونڊيل نمائيندا ۽ وزير دودي جي تڏي تي پهچي وارثن سان تعزيت ۽ ڏُک جو اظهار ڪري چُڪا آهيون،چوندا آھن ته نانگ سال ۾ ھڪ دفعو کَل مٽائيندو آھي پر لوٽا ۽ موسمي سياستدان جيئن ئي اليڪشن جي موسم ايندي آھي ته پارٽي مٽائيندا آھن اُنهي روايت کي برقرار رکندي تازو اسان واري ارباب غلام رحيم تڪڙي  تياري ڪئي ۽ موسم ڏسي پارٽي مٽائي  پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيو آھي ۽ لوٽا گروپ ۾ گوءَ کڻي ويو،ھڪڙي طرف ارباب پي ٽي آءِ ۾ شموليت ڪئي ته انھن ئي ڏينھن ۾ دودي ڀيل جي قتل جو واقعو پيش آيو،ارباب رحيم نه دودي جي تڏي تي آيو نه ئي ڪا واھر ڪئي پر اُلٽو تنقيد جو رُخ پ پ طرف ڪيو آهي،باوجود ان جي ته سنڌحڪومت وقتائتي موٽ ڏيندي نه رُڳو سيڪيورٽي ڪمپني جي قاتلن تي ڪيس ڪرايو پر بلاول ڀٽو طرفان جوڙيل وزارتي ڪميٽي قتل ٿيل دودي جي تڏي تي وڃي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ ھڪ ڪروڙ جي مالي سھائتا ڪئي ۽ ڪيس سرڪاري خرچ تي وڙھڻ جو به اعلان ڪيو،واقعي جي زخمين لاءِ 50 لک جو اعلان ڪيو،احتجاج ڪندڙن تان ڪيس به ختم ڪيو ويو آهي،تڪ جو ضلعي صدر سينيٽر گيان چند،تڪ جو ايم پي اي فقير شير محمد،ايم اين اي ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي،صوبائي صلاحڪار ويرجي ڪولھي توڙي ٻي مقامي قيادت مسلسل  احتجاج ڪندڙن سان گڏ رھي ۽ سندن نمائندگي جو حق ادا ڪيو،ٻئي طرف پي ٽي آءِ جيڪا تاڙ ۾ ھئي ته کين ڪو اشو ھٿ لڳي ته موسمي ڏيڏرن واري ٽان ٽان شروع ڪن،سو موقعو مناسب سمجھندي شاھ محمود قريشي،ارباب جي پُراڻي ونگاري ۽ تازو پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيل لجپت سوراڻي جي پُٺي ٺپي ميدان تي لاٿو،جنھن مقتول جي وارثن جي واھر ڪرڻ بجاءِ ھن خون ناحق تي سياست شروع ڪري ڏني آھي ۽ ٽان ٽان شروع ڪئي آھي،

زخمي پورهيت غلام قادر کوکر جا جوابدار گرفتار نه ٿيا

مٺي:دودي ڀيل سان گڏ تشدد جو شڪار ٿيل پورهيت غلام قادر کوکر جي پيءُ جي فرياد تي  سيڪيورٽي ڪمانڊو سيد ڪاشف رضا،گارڊ قمر ۽ حفيظه ملڪ تي ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي،پورهيت غلام قادر کوکر تي تشدد ڪندڙ ٽن جوابدارن خلاف عدالتي حُڪم تي چار ڏينهن اڳ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،پر پوليس ساڳئي دودي واري ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو،

ڊي آءِ جي حيدرآباد شرجيل ۽ انسپيڪٽر سراج لاشاري رپورٽ تيار ڪري ڇڏي

مٺي:ڊي آءِ جي حيدرآباد جيل مان آزاد ٿيلن ۽ دودي جي وارثن جا بيان قلمبند ڪري سنڌ  هاءِ ڪورٽ پهچي ويو،ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾ سيڪيورٽي گارڊن هٿان تشدد بعد فوت ٿيل پورهيت دودي ڀيل واري واقعي جي جاچ ڪندڙ ڊي آءِ جي حيدرآبد شرجيل کرل جيل مان آزاد ٿيلن ۽ دودي جي وارثن جا بيان قلمبند ڪري ڪراچي پهچي ويو آهي،ڊي آءِ جي حيدرآباد شرجيل کرل ۽ انسپيڪٽر سراج لاشاري واقعي بابت متاثر ڌُر سميت ٻين ڌرين کان جاچ ڪري ورتي آهي،جيڪا اڄ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪئي ويندي،

گوڙاڻو ڊيم تحريڪ جي اڳواڻ ڀيمراج جي ضمانت ۾ 17 جولاءِ تائين واڌ

مٺي:ڌرڻي ڪيس ۾ نامزد ڪيل گوڙاڻي ڊيم تحريڪ  جي اڳواڻ ڀيمراج ميگهواڙ جي ضمانت ۾ 17 جولاءِ تائين عدالت واڌ ڪري ڇڏي،ميرپورخاص جي اي ٽي سي ڪورٽ پاران اسلام ڪوٽ ۾ دودي ڀيل جي ڪيس ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو هڻندڙن جو 150 ماڻهن تي دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو هو،پر پوليس پاران گرفتار ٿيلن جون شاهديون پيش نه ڪرڻ تي 9 ڄڻن کي آزاد ڪري ڇڏيو هو،ساڳئي ڪيس ۾ ڀيمراج ميگهواڙ جي ضمانت ۾ عدالت 17 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي،ڀيمراج ميگهواڙ ٻُڌايو ته ٿرڪول تي ڪم ڪندڙ ڪمپنيون نوجوانن کي ماري رهيون آهن ۽ حڪومت وري ڪنهن جي خون جو مُلهھ هڪ ڪروڙ ته ڪنهن جو 50 لک لڳائي رهي آهي،جيڪا روايت خراب آهي،ائين ڪرڻ ۽ ڪمپنين خلاف ڪاروائي نه ٿيڻ ڪري ڪمپنيون روز ماڻهو مارينديون رهنديون ۽ حڪومت معاوضي جا اعلان ڪندي رهندي،انهي جا نتيجا ڀيانڪ نڪرندا.

وفاقي سرڪار کي 12 ڏينهن گذرڻ بعد دودو ڀيل ڪيس ياد آيو آهي: نندلال

مٺي:پ پ پ ضلعي ٿرپارڪر جي ترجمان  ڪامريڊ نندلال مالهي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته دودو ڀيل جي قتل واري واقعي کي 12 ڏينهن گذري چڪا آهن،دودو ڀيل جي اڄ ٻارس به ٿي وئي آهي،وفاقي سرڪار کي 12 ڏينهن گذري وڃڻ کانپوءِ هاڻي دودو ڀيل ياد آيو آهي ۽ عيد کانپوءِ دودو جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ جدوجهد جو اعلان ڪيو ويو آهي،هن چيو ته وفاقي سرڪار پاران ٿر جي ماڻهن کي بيوقوف سمجهڻ جو هن کان وڌيڪ ڪهڙو ثبوت ٿي سگهي ٿو،12 ڏينهن گذري وڃڻ جي باوجود وفاقي سرڪار جو ڪوبه  وزير،مشير يا نمائندو دودو ڀيل جي وارثن سان همدردي ۽ تعزيت ڪرڻ لاءِ تڏي تي ڪونه پهتو ۽ وفاقي سرڪار جي فئڪٽ فائندنگ ڪاميٽي به ان وقت پهتي جڏهن پ پ پ ۽ سنڌ حڪومت دودو ڀيل جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ سمورا عملي قدم کڻي چڪي هئي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.