گذريل دور واپس ناهي ايندو پر عمران ائين ڪري ڏيکاريو: شهباز شريف

لاهور (م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته گذريل ٽن سالن کان نيب نيازي ڳٺ جوڙ پاور پراجيڪٽ جي جاچ ڪندو رهيو پر هڪ ٽڪي جي ڪرپشن ثابت نه ٿي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي  شهباز شريف چيو ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوشڊيڊنگ ٿي رهي آهي، ڇا اهو آهي نئون پاڪستان؟ گذريل زمانو واپس ناهي ايندو پر عمران خان پراڻو دور موٽائي ڇڏيو، حڪومت پنهنجي چاهيندڙن کي فرٽيلائيزر ڏيڻ سبب گئس معاهدو نه ڪيو. هن چيو ته توانائي منصوبن ۾ اسان جي حڪومت 250 ارب قوم جي بچت ڪئي، دنيا جي تاريخ ۾ سڀ کان گهٽ وقت ۾ رٿائن کي پورو ڪيو ويو، نواز شريف توانائي منصوبا لڳائي امر ٿي ويو، نواز شريف جي دور ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه پر هڪ معجزو هو. سندس چوڻ هو ته گذريل ٽن سالن ۾ بدترين ڪرپشن ٿي ۽ ٻنهي هٿن سان قوم کي لٽيو ويو، عمران خان لکين ماڻهن کي بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.