فائز عيسيٰ ڪيس: ايف بي آر جي سپريم ڪورٽ رجسٽرار جي اعتراض خلاف اپيل

 

قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني فيصلو: ايف بي آر اعتراضن خلاف اپيل داخل ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني فيصلي تي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار جي اعتراضن خلاف اپيل داخل ڪرائي ڇڏي.

درخواست ۾ موقف ڏنو ويو آهي ته ايف بي آر کي ٻڌڻ بنا ئي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويو.

ايف بي آر جو چوڻ آهي ته جسٽس فائز عيسيٰ جي گهرواري سرينا عيسيٰ لنڊن ۾ ٽن ملڪيتن جي وضاحت نه ڪري سگهي، اها ايف بي آر جي نوٽيسن جي باوجود رقم جي ٻاهرين ملڪن ڏانهن منتقلي جي وضاحت نه ڏئي سگهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني ڪيس جو فيصلو غير قانوني آهي، تنهن ڪري اسان جي اپيل کي نظرثاني اپيل جي طور تي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪيو وڃي.

درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته رجسٽرار سپريم ڪورٽ جا اعتراض ختم ڪيا وڃن.

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جسٽس فائز عيسيٰ جي نظرثاني درخواست منظور ڪئي هئي، جسٽس فائز عيسيٰ نظرثاني جون سڀ درخواستون ڇهه چار جي تناسب ۾ منظور ٿيون، جڏهن ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي انفرادي درخواست 5 ججن منظور ۽ 5 ججن رد ڪئي.

تحريري حڪم نامي ۾ ايف بي آر کي موڪليل حڪم نامو ۽ جاچ به ڪالعدم قرار ڏني وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.