گھوٽڪي، غوٽپور، درياخان مري، قمبر ۽ ڏھرڪي جون خبرون

گھوٽڪي: رياض چانڍيو ۽ سندس پارٽي تي پابندي خلاف مظاهرو

 

غوثپور: ناري جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پوليس چڙهائي،جوابدار فرار

 

دريا خان مري : 4 مقتولن جا قاتل جلد گرفتار ڪنداسين:ڊي آءِ جي بينظير آباد

 

قمبر : ڪامريڊ سينگار نوناري جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ، ڌرڻو

 

ڏهرڪي : مرحوم پوليس اهلڪار جي گهرواري پاران تحفظ ۽ انصاف جي اپيل

رياض چانڍيو ۽ سندس پارٽي تي پابندي خلاف جسم گھوٽڪي طرفان پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي جيئي سنڌمحاذ جي مرڪزي اڳواڻ نذير شيخ ، جسقم ضلعي جي چيف آرگنائيزر فقير رمضان ڪلوڙ ، ڪمال خان مھر ، شعبان مھر،  عمر ڀيو  ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته  سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ جاري آهي  ، هنن چيو ته هو پنهنجي حقن تان ھٿ نه  کڻندا ، پابنديون کين سنڌ جي حقن جي جدوجهد کان هٽائي نه ٿيون سگهن .

2

ايس ايڇ او غوثپور غلام سرور ٻرڙو مختلف ٿاڻن جون پوليس موبائيلون ساڻ کڻي ھڪ ڏينھن اڳ  مبينا ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ٿيل ڳورھاري ناري شاھدان ڀيو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لا۽ چڙهائي ڪئي پر  اڳواٽ اطلاع ملڻ تي جوابدار پنھنجا گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا ، پوليس ڳوٺ کي ڪڙو چاڙھي جوابدارن جي گھرن تي پڪٽون قائم ڪري ورتيون، ۔ رابطي ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته علائقي کي گھيري ھيٺ آڻي گھر گھر تلاشي شروع ڪئي آھي ۔جوابدارن جي گرفتاري تائين ڪاروايون جاري رھنديون.

3

ڊي آءِ  جي شهيد بينظير آباد عرفان بلوچ ۽ ايس ايس پي نوشهرو فيروز الطاف لغاري درياخان مري ٿاڻي تي پهتا، ڊي آء جي عرفان بلوچ ۽ ايس ايس پي الطاف لغاري ھڪ هفتو اڳ قتل ڪيل وڳڻ برادري جي4 نوجوانن جي  وارثن سان ملاقات ڪئي ، وڳڻ برادري پاران سڀاڻي اعلانيل ڌرڻو ملتوي ڪري ڇڏيو، ڊي آء جي عرفان بلوچ چيو ته نوشهري فيروز ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال ايتري خراب ناهي جيڪا ٻڌائي پئي وڃي، ھن چيو ته وڳڻ برادري جي قتل ڪيل چئن ڄڻن جا جوابدار ٻن ڏينهن اندر گرفتار ڪنداسين ،هن چيو ته  شهيد عزيز ميمڻ ڪيس ۾ رهيل ٻن جوابدارن جي گرفتاري لاء به  ٽيم جوڙي آھي جيڪا پنھنجو ڪم ڪري رھي آھي.

4

قمبر ۾ عوامي ورڪرز پارٽي ۽ سول سوسائٽي طرفان ڪامريڊ سينگار نوناري جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو  ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي  ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪامريڊ سينگار نوناري جي ڀيڻ عابده چنا ،ڪامريڊ يونس راهو ۽ ٻين چيو ته ڪامريڊ سينگار نوناري جي جي جبري گمشدگي کي سترهن ڏينهن گذري چڪا آهن پر هن وقت تائين سندس ڪو ڏس پتو ڪو نه پئجي سگهيو ،هنن سپريم ڪورٽ کان ڪامريڊ سينگار نوناري سميت سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ رياست اندر قانون جي حڪمراني جو تصور پيدا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو .

5

ڏهرڪي جي شاه لطيف ڪالوني جي رهواسڻ آسيه لغاري زال مرحوم مشتاق احمد لغاري صحافين اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ سندس مڙس اي ايس آئي مشتاق احمد لغاري ريتي تي آن ڊيوٽي هيو جيڪو دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو، هن ٻڌايو ته سندس مڙس جي پهرين گهرواري ۽ ان جا ٻار هن جي مڙس جي فوت ٿيڻ کانپوءِ  ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته ريٽائرمينٽ مان اڌ رقم ۽ اڌ پينشن انهن حوالي ڪريان  ٻي صورت ۾ هو نقصان پهچائيندا، هن ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي کيس تحفظ ۽ انصاف ڏنو وڃي.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.