پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي ضمانت واري درخواست تي ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

جسٽس امجد علي سهتو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي ضمانت واري درخوست تي ٻڌڻي ڪئي ۽ ريمارڪس ڏنا ته ٻنهي ڌرين جي ڪري ڪيس ۾ دير ٿي آهي.

ان موقعي تي عدالت چيو ته جيڪڏهن ڪير لکت ۾ دليل جمع ڪرائڻ چاهي ٿو ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڪرائي سگهي ٿو.

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جيترا ڪيس ڊائري ۾ پيل آهن انهن ۾ لکيل آهي ته جاچ آفيسر نه هو، ڪيس نيب پراسيڪيوٽر کي هلائڻو هوندو آهي شاهد جي موجودگي ۾.

جسٽس امجد علي سهتو ريمارڪس ڏنا ته ٻنهي ڌرين ئي اِهو نه پئي چاهيو ته ڪيس هلي، ويڊيو ڪال تي به چارج فريم ٿي سگهي ٿو.

عدالت ڌرين کان پڇاڻو ڪيو ته ڪيترن ڏينهن ۾ لکت ۾ دليل ڏيندا؟ ان تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته ٻن هفتن جي مهلت ڏني وڃي، عدالت چيو ته ٻه هفتا گهڻا آهن هڪ ٻه ڏينهن کان  وڌيڪ وقت نه ڏنو وڃي.

هن کان پوءِ عدالت جمعي تائين ڌرين کي لکت ۾ دليل جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.