نيب جي اڳوڻي ناڻي واري وزير حفيظ شيخ خلاف ريفرنس جي سفارش

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيب اڳوڻي ناڻي واري وزير حفيظ شيخ خلاف ريفرنس جي سفارش ڪري ڇڏي.

ترجمان موجب نيب ڪراچي جي ريجنل بورڊ اجلاس ۾ ٻه ريفرنس داخل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي، جڏهن ته ڪجهه انڪوائريون به شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

نيب اختيارين ٻڌايو ته اڳوڻي ناڻي واري وزير حفيظ شيخ، اڳوڻي ايف بي آر چيئرمين عبدالله يوسف ۽ سلمان صديق خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

اختيارين جو چوڻ آهي ته انهن ٽنهي تي قومي ناڻي کي 11 ملين ڊالر نقصان پهچائڻ جو الزام آهي.

اجلاس ۾ لينڊ يوٽيلائيزيشن جي اڳوڻي ميمبر غلام مصطفيٰ ڦل خلاف به ريفرنس جي منظوري ڏني وئي، جوابدار قيمتي سرڪاري زمين کي غير قانوني طور الاٽ ڪيو.

اجلاس ۾ بدعنواني جي الزام ۾ اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر ويسٽ فياض سولنگي خلاف به انڪوائري جي اجازت ڏني وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.