ناري جي اغوا خلاف درياءُ خان مري ۾ تنظيم آرائيان پاران حتجاج

دريا خان مري ( ن ع آ ) ٽنڊو مير علي جي رھواسڻ ڪنول آرائين کي اغوا ڪرڻ ۽ ساڻس بدتميزي ڪرڻ خلاف مرڪزي تنظيم آرائيان مرڪز جي سڏ تي يونٽ دريا خان مري جي صدر عمر فاروق آرائين، نائب صدر محمد امين آرائين، جنرل سيڪريٽري محمد ڪاشف آرائين جي اڳواڻي ۾ پرامن  احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ٽنڊو مير علي جي رھواسڻ ڪنول آرائين کي جوابدارن محمود شر ۽ سندس ساٿين پاران ڏينھن ڏٺي جو سرعام اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ساڻس بدتميزي پڻ ڪئي، جڏھن ته اغوا جي ايف آر داخل ڪرائڻ باوجود ايف آءِ آر ۾ گھربل 5 جوابدار ھن مھل تائين ٽنڊو مير علي پوليس گرفتار نه ڪري سگھي آھي وارثن تي راڄوڻي لاءِ دٻاءُ  وجھي رھيا آهن، آءِ جي ۽ ايس ايس پي نوٽيس وٺن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.