ڦلجي ۾ ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ 2 مقتولن جا لاش رکي ڌرڻو

ڦلجي (ن ع آ ) ڦلجي اسٽيشن ويجهو ڪچي واري علائقي اسماعيل جا ڀاڻ پوليس ٿاڻي جي حد ۾ گذريل ڏينهن مال جي ڀيل تان شاهاڻي ۽ جتوئي برادري وچ ۾ ٿيل جهيڙي دوران قتل ٿي ويل منٺار شاهاڻي ۽ طالب شاهاڻي جا لاش رکي وارثن پاران ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. جنهن کان پوءِ قتل جو ڪيس فريادي خادم حسين شاهاڻي جي فرياد تي جتوئي برادري جي. عليم جتوئي. علي گل جتوئي. ياسين جتوئي. بشير جتوئي. سڪندر جتوئي. گاگو جتوئي. غلام علي جتوئي. رياض لاشاري ۽ پوڙو لاشاري خلاف اسماعيل جا ڀاڻ پوليس ٿاڻي تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو. پوليس اطلاع موجب جتوئي برادري جي جوابدارن جو تعلق شڪار پور ضلع سان ٻڌايو وڃي ٿو جڏهن ته غلام علي جتوئي پهريائين مختلف ڏوهن جي ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل آهي. ٻئي پاسي جتوئي ۽ شاهاڻي برادري جا ماڻهون اهڙي قسم جي واقعي کان پوءِ مورچا بند ٿي ويا آهن ۽ علائقي ۾ خوف ۽ حراس وارو ماحول پڻ ڇانيل آهي جڏهن ته ٻئي پاسي امڪاني جهيڙي کي روڪڻ لاءِ ايس ايس پي دادو اعجاز احمد شيخ  پاران نوٽيس وٺيندي وڏي تعداد ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس کي الرٽ ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.