راڌڻ شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ هارين جو ڌرڻو، هڪ ڄڻو بيهوش

راڌڻ(رپورٽ: ھريش ڪمار(راڌڻ شاخ تي آباد ٿيندڙ هزارين ايڪڙ ساريالو فصل پاڻي جي سخت قلت سبب پوکجي نه سگهيو جنهن سبب راڌڻ ۽ آسپاس جي مسڪين آبادگارن مراد علي جانوري، منير جانوري، گداحسين سولنگي، آچر رند ۽ منور ڀنڊ جي اڳواڻي ۾ سيوھواڻي چوڪ راڌڻ تي قهر جي گرمي ۽ نٽھڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان جي علائقي ۾ سال جو وڏو فصل سارين جو آهي جنهن فصل تي اسان پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪندا آهيون جولائي مهينو به اڌ گذرڻ تي پهتو آهي، پر هن وقت تائين پاڻي نه هجڻ سبب زمينون خشڪ ۽ بنجر  پيون آهن هن مهانگائي جي دور ۾ اگر اسان اهو فصل به نه ڪري سگهياسين ته پو۽ اسان جا ٻچا بک ۽ بدحالي سبب مري ويندا جڏهن ته سخت گرمي ۽ تيز اس سبب هاري محمد ڄام سولنگي بيهوش ٿي ويو جنهن کي سرڪاري اسپتال راڌڻ نيو ويو مظاهرين پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جا نعره هڻندي وزيراعلئ سنڌ سيد مراد علي شاھ ۽ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو ڪندي چيو ته راڌڻ شاخ ۾ جلد کان جلد  پاڻي ڏئي اسان کي بک تي مرڻ کان بچايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.