ملڪ رياض جي گورک تي اک، دفاعي مقصدن واري زمين تي ڪاروبار جي جاچ ڪرائي وڃي: ساڃاهه وند

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ- صادق سومرو) ملڪ جي مظلوم قومن پاران زمينن ۽ وسيلن تي والار، ڌارين جي آبادڪاري سميت ٻين مسئلن جي حل لاءِ ملڪي سطحي تي گڏيل جدوجهد ڪرڻ جو وچن، اڳواڻن چيو آهي ته مظلومن سان ظلم ڪندڙ رياست، ادارن،جاگيردارن،وڏيرن،نوابن ۽ ٻين مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ اسيمبلين جو رخ ڪرڻ سان گڏ رستن تي جدوجهد ڪئي ويندي ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ عوامي تحريڪ طرفان قومن جي زمينن تي قبضن ۽ ملڪ ۾ جمهوريت ۽ عوامي مسئلن” جي عنوان سان ڪوٺايل سيمينار ۾ سنڌ،پنجاب،ڪي پي ڪي،بلوچستان جي مظلوم عوام کي حق ڏيارڻ لاءِ گڏيل جدوجهد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ چيو ته وفاق توڙي صوبائي حڪومتون مظلومن جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضا ڪرڻ کان پاسو ڪن،ٻي صورت ۾ عوام پونم وانگر ملڪي سطح تي نئون اتحاد ٺاهي حڪمرانن جو گهراءُ ڪيو ويندو. سيمينار کي صدارتي خطاب ڪندي  عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي چيو ته  بحريا ٽائون کي سنڌ حڪومت طرفان الاٽ ڪيل زمينون غير قانوني ۽ غير آئيني آهن انهن زمينن تي پهريون ۽ آخري حق سنڌي عوام جو آهي. ان ڪري اهي زمينون ملڪ رياض ۽ ان جي سنڌ حڪومت جي ساٿارين کان وٺي ضبط ڪري سنڌ جي بي زمين هارين ۽ مزدورن ۾ مفت ۾ ورهايون وڃن. ان سان گڏ دفاعي ادارن جي پاران دفاعي مقصدن جي لاءِ حاصل ڪيل زمين کي ڪاروباري مقصدن لاءِ استعمال ٿيندڙ زمينن جي معاملن جي جاچ ڪئي وڃي، سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن تي وفاقي والار جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته صوبن جي زمينن ۽ وسيلن تي وفاقي حڪومت کي قبضو ڪرڻ جو ڪو به اختيار نه آهي. رسول بخش خاصخيلي چيو ته ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جي قيام جي لاءِ ملڪ جي سمورين جمهوريت پسند پارٽين، فردن وڪيلن ۽ صحافين ۽ غريب عوام ۽ ملڪ جي بي وسيلا بنايل ڦريل لٽيل قومن کي گڏجي پرامن جمهوري جدوجهد ڪرڻ جي تياري ڪرڻي پوندي. تاريخدان ۽ اديب گل حسن ڪلمتي چيو ته  بحريه ٽائون ويزن 2020 جو ٻيو روپ آهي، هي منصوبو ڪراچي جي زمينن تي قبضو ڪرڻ جو آهي، سپريم ڪورٽ ڪراچي بدامني ڪيس ۾ زمينن جي الاٽمينٽ تي پابندين هئڻ باوجود بحريا ٽائون بنا روڪ ٽوڪ جي ڄامشورو تائين پهتو آهي ۽ هاڻي اهو گورک هل تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو،هن چيو ته بحريا ٽائون کي نئون ضلعو ٺاهڻ پيا وڃن، ان کان وڌيڪ وڏو منصوبو نئين صوبي جو آهي جنهن تي تيزي سان ڪم جاري آهي، ان منصوبي جي لاءِ بحريا ٽائون کي گوادر تائين پهچ ڏئي روڊ ڏنو ويندو،ان خلاف جدوجهد جي ضرورت آهي، هن چيو ته ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن جا مسئلا به سنگين آهن، ڏنگي تي مهاڻا وڃي نٿا سگهن،بحريا ٽائون، ذوالفقار آباد، ڪمانڊر سٽي ۽ ٻين اسڪيمن جي نالن سان ڳوٺن،قبرستان چراگاهن تي قبضا ڪيا پيا وڃن.عورت سماجي اڳواڻ مهناز رحمان چيو ته ملڪ کي فيڊريشن هجڻ گهرجي، نيشنلسٽ پنهنجي جدوجهد ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ عورتن کي شامل ڪن،قومپرستن کي به سيڪيولرازم سان اڳتي اچي عورتن تي تشدد روڪرائڻ ۽ هارين کي حق ڏيارڻ سميت مظلومن جا مسئلا حل ڪرڻا پوندا. نواز ليگ جي صدر جي شاهه محمد شاهه چيو ته سنڌي ننگن ۽ دنگن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻن ٿا سندس سامهون ڪراچي ۽ سنڌ جو لفظ استعمال نه ڪيو وڃي،اها ڳالهه سندس لاش تان گذري پوءِ ڪري سگهجي ٿي، هن چيو ته ون يونٽ لڳرائيندڙ اسيمبلين ۾ ويٺا آهن ۽ ون يونٽ خلاف جدوجهد ڪندڙ اسيمبلين کان ٻاهر آهن ان ڪري قومپرستن کي جمهوري سياست ۾ حصو وٺي اسيمبلي ۾ اچي حق حاڪميت حاصل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته فوجين کي سنڌ ۾ زمينون ڏنيون پيو وڃن سنڌ يتيم خانو نه آهي، پروفيسر مشتاق ميراڻي چيو ته بحريا ٽائون ۾ ٽنھي صوبن ۽ افغانستان جا ماڻھو رھايا پيا وڃن، سنڌ ۾ جيڪي بھ ڌاريا آيا آھن انھن کي واپس سندن وطن موڪليو وڃي ۽ اهڙو قانون ٺاهيو وڃي جنهن سان ڪو به ڌاريو سنڌ ۾ زمين خريد نه ڪري سگهي. سياسي سماجي اڳواڻ ميمر  مظھر ٽالپر چيو ته سنڌ واسين کي بحريا ٽائون واري ڪيس ۾ عدالتي فيصلي سميت ٻيا مسئلا کڻي عدالت ۾ وڃڻ گهرجي،هن چيو ته سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضا ڪندڙ ۽ انهن جا سهولتڪار اسان جا غدار آهن. آرٽسٽ شيما ڪرماڻي چيو ته والار خلاف جدوجهد ڪندڙن خلاف رياست دهشتگردي ڪري رهي آهي، حقن واري قومي جدوجهد ۾ عورتن کي ضرور شامل ڪيو وڃي. اديب بدر سومرو چيو ته 73 جو آئين هاڻي ڌوکو لڳي ٿو سنڌ اسيمبلين ۾  ويٺلن سان ڌر ٿي ڳالهائڻو پوندو، جيئن آزاد ڪشمير ۾ ڪو به ڌاريو زمين خريد ڪري نٿو سگهي ائين ئي سنڌ ۾ لا آف لينڊ ٺاهيو وڃي.قانوندان مسعود نوراني چيو ته قومي سطح تي اتحاد ٺاهڻ سان گهڻا مسئلا حل ٿي ويندا، گولي ۽ ڏنڊو کڻڻ بدران متحد ٿي سنڌ اسيمبلي جو گهراءُ ڪيو ۽ ميمبرن تي واضح ڪيو ته سنڌ جا مسئلا حل ڪرايو يا استعفيٰ ڏيو.هن چيو ته پاڪستان اسان جو آهي ان کي ٽوڙڻ بدران زمينداري نظام ۽ سرمائيداري نظام جو خاتمو آڻڻو پوندو. سرائيڪي تحريڪ جي اڳواڻ شفقت حسين بخاري چيو ته ملڪ ۾ زمينن تي قبضا ملتان کان شروع ٿيا،جيڪي سنڌ تائين پهتا آهن بحريا ٽائون وارا هزارين ايڪڙ زمين تي قبضا ڪن پيا،سنڌ کي چولستان جو ڪيس به کڻڻ گهرجي،ان جدوجهد ۾ سرائڪي سنڌين سان گڏ آهن. نيشنل پارٽي جي اڳواڻ مجيد چيو ته پارلياماني سياست ۾ مسئلا هجڻ باوجود جدوجهد ڪيون پيا،جن کي غدار سڏيو ويو اهي ئي ملڪ بچائڻ لاءِ جدوجهد ڪن پيا. قومي محاذ آزادي جي اڳواڻ اظهر جميل چيو ته ملڪ ۾ سوشل ۽ سياسي جدوجهد هلائڻ جي ضرورت آهي،ڇاڪاڻ تي ملڪ وڏن مسئلن ۾ ڦاٿل آهي، سرائڪستان قومي تحريڪ جي ظهور احمد ڌاريجو بحريا کي ڀيڙيا ٽائون کوٺيندي چيو ته ان خلاف سنڌين ڪامياب مذمت ڪئي آهي، هو زمينن ۽ وسيلن جي والار واري مسئلي تي سنڌين سان گڏ آهن. جيئي سنڌ محاذ جي عبدالخالق جوڻيجو چيو ته بحريا ٽائون ۽ ٿر ترقي جي مثال ڏئي زمينن ۽ وسيلن تي قبضا ڪيا پيا وڃن،ترقي پنهنجي جاءِ تي متاثرن جو ڇا ٿيندو، هن چيو ته ملڪ مان جاگيرداري نظام ختم ڪري سيڪيولرزم آندو وڃي. ابرار قاضي چيو ته سنڌ ۾ پ پ جي حڪمراني انتهائي خراب آهي،زمين خريد ڪرڻ ۽ ووٽ تبديل ڪرڻ بابت قانون تبديل ڪيا وڃن،ان لاءِ ڊوميسائل جو به وقت 3 سال بدران 10 کان 15 ڪيو وڃي حق ۽ حاڪميت سنڌين وٽ هجڻ گهرجي،عوامي ورڪر پارٽي جي اڳواڻ  بخشل ٿلهو چيو ته سنڌين جا درياءَ ٻنيون وسيلا وڃن پيا اسين جديد غلامي ۾ وڪڙيل آهيون ان مان آزاد ٿي ملڪ کي گهڻ قومن وارو ٻولي ملڪ قرار ڏئي ملڪي سطح تي اتحاد جوڙي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌ سهائي سٿ جي اڳواڻ عائشه ڌاريجو چيو ته ووٽرن جي آزادي لازمي آهي ڇاڪاڻ تي سردار ۽ جاگيردار اسيمبلين ويهي مظلومن جا حق کائن پيا، سنڌ جا اديب پ پ جي پينل تي آهن ڪو اهڙو مثال ڏنو وڃي ته ڪو اديب سنڌ جي مسئلن تي لکي عوام ۾ گهڻو مشهور ٿيو هجي. عوامي جمهوري پارٽي اڳواڻ نورنبي راهوجو چيو ته تاريخ مان سبق حاصل ڪري سڀني کي گڏجي اڳتي هلڻو پندو. تحريڪ استقلال جي منظور گيلاني چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت تي فوجين راتاها هنيا اهو عمل اڃان جاري آهي،رڳو چهرا تبديل ٿين ٿا، هن چيو ته ملڪ ۾ قابض طبقي ۾ فوج،جج، ملا،جاگيردار ۽ ٻيا شامل آهن.انهن مان جان آجي ڪرڻ لاءِ سڀني کي ڌار ڌار بدران گڏجي وسيع جدوجهد ڪرڻي پوندي.سرائڪستان تحريڪ جي چيئرمين غلام فريد ڪوريجا چيو ته سنڌ، بلوچستان، ڪي پي  ۽ چولستان ۾ مظلومن کان زمينون کسيون پيون وڃن، انهن لاءِ مظلومن قومن جو سياسي اتحاد ٺاهي جدوجهد ڪرڻي پوندي ۽ اهڙو پاڪستان ٺاهڻو پوندو جنهن ۾ مسجد،مندر ۽ گردوارن کي مڪمل تحفظ هجي.ايس يو پي جي روشن ٻڙو چيو ته سنڌ ۾ پ پ ڦرلٽ ڪئي آهي وفاق سندن پڪڙ ڪري ملڪ ۾ تبديلي لاءِ سڀني کي آواز اٿارڻو پوندو، نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان کي سڀ کان وڌيڪ خطرو آهي ڇاڪاڻ تي ٻئي صوبا مالي وسيلن سان مالا مال آهن،ان ڪري ڌرتي ڌڻين کي زمينن تان بيدخل ڪيو پيو وڃي،هن چيو ته پونم وانگر نئون اتحاد ٺاهي عوام کي گڏائڻو پوندو، اسيمبيلن ۾ ويٺل جاگيردارن جو گهيراءُ ڪرڻو پوندو هاڻي بال رياست ۽ جاگيردارن بدران عوام جي ڪوٽ ۾ آهي، ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن قادر رانٽو، حورالنساءِ پليجو، سجاد چانڊيو چيو ته ملڪ ٺهڻ کان هينئر تائين به حساب ڪرڻو پوندو ته ملڪ کي ڪيترو نقصان ٿيو،هنن چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت جا دعويدار ئي عوام سان ظلم ڪن پيا،ان خلاف گڏيل جدوجهد جي ضرورت آهي. 03

زمينن جي الاٽمينٽ بابت حاضر سروس ججن تي عدالتي ڪميشن جو مطالبو

ڪراچي: قومن جي زمينن تي قبضن ۽ ملڪ ۾ جمهوريت ۽ عوامي مسئلن” جي عنوان سان ڪوٺايل سيمينار ۾ قراردادون منظور ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته پاڪستان کي گهڻ قومي رياست قرار ڏئي صوبن کي خودمختيار بڻايو وڃي،مذهب کي رياست کان الڳ ڪيو وڃي،سنڌو درياءَ تي ڊيم ڪئنال ٺاهڻ جا منصوبا ختم ڪري زرعي سڌارا آڻي زمينون دفاعي ادارن ۽ ملڪ رياض جهڙي سرمائيدارن کان واپس وٺي بي زمين هارين ۾ ورهايون وڃن.قرارداد ذريعي مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ اسيمبلي مان قرارداد ذريعي ڪراچي جون زمينون ملير ۽ لياري ڊيولپمينٽ اٿارٽين حوالي ڪيون ويون جيڪي واپس ڪيون وڃن . ٺهراءُ ذريعي مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن سان گڏوگڏ بحريا ٽائون ڪراچي، ذولفقارآباد، ڊي ايڇ اي، ڪمانڊر سٽي، گوادر سميت بلوچستان جي ٻين علائقن ۽ سرائڪي علائقي جي لکين ايڪڙ زمينن تي جڙندڙ غيرقانوني منصوبن کي فوري طور بند ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏ ملڪ جي حاضر سروس ججن تي مشتمل اعليٰ سطحي عدالتي ڪميشن قائم ڪئي وڃي،سڄي ملڪ ۾ عام طور ۽ سنڌ، بلوچستان ۽ سرائڪي علائقن ۾ خاص طور تي ٻين ملڪن ۽ ملڪ جي ٻين اندروني علائقن کان ٿيندڙ بي انداز لڏپلاڻ ايتري تيزيءَ سان ٿي رهي آهي جو انهن علائقن جي اصل ماڻهن جي وجود ۽ سڃاڻپ کي خطرو لاحق ٿي ويو آهي. ايتري تائين جو ان علائقي جي عوام جو آواز ايوانن تائين پهچائڻ وارا انهن جا پنهنجا نه بلڪه غير مقامي نمائنده چونڊيا وڃن ٿا. تنهنڪري اهڙي قانونسازي ڪئي وڃي جنهن سان لڏپلاڻ جي سبب مقامي آباديءَ جو وجود ۽ سڃاڻپ سلامت رهي. گڏوگڏ ان طرح جي به قانون سازي ڪئي وڃي ته هر صوبي جي اصل قديمي رهواسين جي بدران ڪو به ٻيو فرد مقامي ادارن کان وٺي صوبائي، قومي ۽ سينيٽ جي اليڪشن ۾ حصو نه وٺي سگهي.ٺهراءُ ذريعي  ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت لاءِ ملڪ جي سمورين جمهوريت پسند پارٽين، فردن وڪيلن ۽ صحافين ۽ غريب عوام ۽ ملڪ جي بي وسيلا بنايل قومن کي گڏجي پرامن جمهوري جدوجهد ڪرڻ جي تياري ڪرڻي پوندي. اسٽيبلشمينٽ جو سياست ۾ وڌندڙ عمل دخل ملڪ جي سلامتي ۽ قومي ادارن جي لاءِ سنگين خطرو آهي. ملڪ جي تمام ادارن گڏوگڏ اسٽيبلشمينٽ سياست ۾ هر قسم جي مداخلت کي فوري طور بند ڪندي اسٽيبلشمينٽ ۽ ٻين سمورن ادارن کي آئين موجب کنيل قسم مطابق پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.وفاق ۽ صوبائي ادارن جي سمورن نجي سيڪٽرن ۾ ننڍن عهدن کان وٺي اعليٰ عهدن تي دفاعي، عدالتي ۽ انتظامي (اسٽيبلشمينٽ جي) رٽائر آفيسرن کي مقرر ڪيو پيو وڃي ۽ خاص طرح موجوده دور ۾ ان عمل ۾ تيزي آئي آهي. ملڪ ۾ شفاف، آزاد ۽ غيرجانبدار چونڊون ڪرائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ فورن چونڊ سڌارا ڪيا وڃن. سيمينار مطالبو ٿو ڪري ته اٽو، کنڊ، گيهه، بجلي، گئس ۽ پيٽروليم جي مصنوعات جي قيمتن کي فورن گهٽايو وڃي،ميڊيا تي ملڪ جي تاريخ جي بدترين پابنديون لڳائڻ، دٻاءَ ۽ سينسرشپ جي هٿ ڪنڊن جي مذمت ڪيون ٿا. گرفتار صحافين جي خلاف غداري، دهشتگردي ۽ ٻين بي بنياد داخل ڪيل ڪيسن کي خارج ڪيو وڃي. ميڊيا جي آزاديءَ کي کسڻ جا سمورا حربا بند ڪيا وڃن. 6 جون تي بحريا ٽائون جي خلاف ڪيل پرامن مظاهري ۾ شرڪت ڪندڙ سياسي اڳواڻن، هزارين ڪارڪنن ۽ شهرين جي خلاف انتقام جي بنياد تي دهشگرديءَ جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ انهن کي گرفتار ڪرڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. پاڪستاني شهرين ۽ خاص طور سنڌ ۽ بلوچستان جي سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن جي جبري گمشدگين جو سلسلو بند ڪيو وڃي ۽ پهريان ئي جبري طور گمشده فردن کي قانون جي مطابق عدليا جي سامهون پيش ڪيو وڃي. 03

کدڙن فقيرن کي به اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽون ڏنيون وڃن: خواجا غلام فريد

ڪراچي: سرائڪستان تحريڪ جي چيئرمين ۽ خواجه غلام فريد جي آستان جي گادي نشين غلام فريد ڪوريجا سيمينار ۾ کدڙن فقيرن جي حق لاءِ آواز اٿاريو،هن چيو ته ملڪ ۾ 5 لک کدڙن فقيرن کي به حق ملڻ گهرجن،ان لاءِ قانون ۾ ترميم ڪئي وڃي جيئن عورتن کي مخصوص سيٽون ڏنيون ويون آهن، ائين سينيٽ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ به کدڙن فقيرن کي به مخصوص سيٽون ڏنيون وڃن، هن چيو ته کدڙا فقير به ملڪ جا شهري آهن ۽ اهي به دربدر واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، انهن ڏانهن به حڪمرانن کي سوچڻ گهرجي.

پليجي جي منشور تي عمل ڪندي عورتن جي اهميت تي زور

ڪراچي: سيمينار ۾ سڄاڻ ڌرين جي اڳواڻن عوامي تحريڪ جي قيادت تي زور ڀريو ته هو رسول بخش پليجي جي ويزن تي مڪمل عمل ڪن،اڳواڻن نشاندهي ڪئي ته رسول بخش پليجو عورتن کي هر محاذ تي گڏ کڻندو هو پر هن سيمينار ۾ ائين نه پيو ٿئي،عورتن کي ٻين مقرر اڳواڻن سان فرنٽ سيٽن تي جاءِ ملڻ گهرجي ها. 03

بلوچستان ۾ 80 ۽ سنڌ ۾ 40 سيڪڙو زمين تي قبضا آهن: حئي بلوچ

ڪراچي : سيمينار ۾ عبدالحئي بلوچ، گل حسن ڪلمتي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ جي 40 سيڪڙو ۽ بلوچستان جي 80 سيڪڙو زمينن تي قبضا ڪيا ويا آهن ۽ ڌرتي ڌڻين کان زبردستي زمينون کسيون پيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.