صدف ڪنول ڇوڪرين کي خوبصورتيءَ جا طريقا ٻڌائي ڇڏيا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) من موهڻي اداڪارا ۽ ماڊل صدف ڪنول مداحن کي پنهنجي خوبصورت جِلد جو راز ٻڌائي ڇڏيو.

هڪ نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ صدف ڪنول کان ميڪ اپ کان بنا خوبصورتيءَ جي باري ۾ سوال ڪيو ويو، جنهن تي هن جواب ڏيندي چيو ته مان پنهنجي چمڙي جو گهڻو ڌيان رکندي آهيان، صفائي سان گڏ هر هفتي فيشل به ڪندي آهيان، مان ڪنهن به قسم جو گهريلو ٽوٽڪو استعمال ناهيان ڪندي ۽ چهري جا وائيٽ هيڊز پاڻ ڪڍندي آهيان.

هن وڌيڪ چيو ته چهري تي سڻڀ صفا نه هئڻ گهرجي، ڇو ته سڻڀ ئي مسئلا پيدا ڪندو آهي، جڏهن ته ڪيتريون ئي ڇوڪريون ميڪ اپ هٽائڻ بنا سمهي پونديون آهن، جيڪو تمام غلط عمل آهي، ميڪ اپ ٿوري دير جي لاءِ لڳائي بعد ۾ ان کي صاف ڪري ڇڏڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.