ميرپور ساڪري ۾ پاڻي کوٽ، آبادگار اتحاد جو احتجاج

ميرپور ساڪرو (رپورٽ: عبدالرزاق ڪلمتي) تعلقي ميرپور ساڪري ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ سم نالين جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف آبادگار اتحاد جي اڳواڻن ڌڻي بخش لاشاري عبدالرزاق ڪلمتي قادر موليپوٽو نبي بخش شاهه حمزو جماري عبدالغني  عباسي امين بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽيئن ڏينهن به ايريگشن آفيس سامهون علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي، آبادگارن ھارين آبپاشي انتظاميا خلاف سخت نعري بازي ڪئي، انهيَ موقعي تي خطاب ڪندي ھنن چيو ته تعلقي ساڪري ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي ساڪرو بئراج مان نڪرندڙ سمورين شاخن ۽ واھن جي پوڇڙ وارن علائقن ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، پوڇڙ ۾ پاڻي نه ھئڻ ڪري جانور اڃ وگھي مري رھيا آهن جر کارو ٿي ويو آهي انجنيئر ڳالهيون ٻدڻ لا تيار ناهي رڳو ڪوڙا دلاسا ڏئي رھيو آهي، ھنن چيو ته ايريگشن ۽ ڊريـنج جون ٻئي چارجون ھن انجنيئر جي حوالي آهن پر ھڪ به سم نالي جي کاٽي ناهي ٿي سگهي ٽن ڏينهنن جي علامتي بک ھڙتال جو انجنيئر نوٽيس ورتو، ايس ڊي او ايريگشن عذير علي شيخ بک ھڙتالي ڪئمپ تي پھچي آبادگارن سان ڳالهيون ڪيون ۽ 13 جولا تي انجنيئر رحيم قريشي شاخن جون پوڇڙ جو دورو ڪري معاملا حل ڪندو جنهن کانپو آبادگار علامتي بک ھڙتالي ڪئمپ ختم ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.