دادو ۾شاگرد پاران دوستي نه رکڻ تان جهيڙو، فائرنگ، 5 ڄڻا زخمي

دادو (ڊ ر) دادو شهر جي شاهجهان پارڪ واري علائقي ۾ 7 ڪلاس جي شاگرد آڪاش سولنگي پاران دوستي نه رکڻ تي جوابدار ڌر حملو ڪيو  جهيڙي سبب ٻنهي ڌرين جا 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جهيڙي سبب علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو، جهيڙي ۾ فائرنگ سان گڏ ڏنڊا سروٽا، لٺيون ۽ ڪهاڙي جو آزادانه استعمال ٿيندو رهيو، زخمين ۾ نينگر جو ڀاءَ بخت سولنگي، چاچو سرور سولنگي، برڪت سولنگي سخت زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ٻئي ڌر جا وحيد ڀنڊ، نياز ڀنڊ زخمي ٿي پيا، زخمين کي سول اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو، جتي اطلاع تي اي سيڪشن پوليس جي وڏي نفري پهچي وئي، ايمرجنسي وارڊ ۾ ٻنهي ڌرين جي زخمين کي آڻڻ سبب ٻيهر جيهڙي جا امڪان وڌي ويا ۽ ڀنڊ برادري جا ٻه ڄڻا هٿيار کڻي اسپتال پهتا ته پوليس هٿيار ڦر ڪري ورتا، سولنگي برادري جي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب نوابشاهه اسپتال ريفر ڪيو ويو، ڊيوٽي ڊاڪٽر موجب سولنگي برادري جي زخمين ۾ هڪ زخمي بخت سولنگي کي 4 گوليون لڳيون آهن جڏهن ته هڪ ڄڻي کي ڪهاڙي ۽ ٻئي کي ڏنڊن جا ڌڪ آهن، هوڏانهن ڀنڊ برادري جي زخمين کي پڻ ڏنڊا لڳا آهن، ڀنڊ برادري جي زخمين کي سيوهڻ اسپتال ريفر ڪيو ويو، جڏهن ته سولنگي برادري جي عورتن منظوران سولنگي، نصرت سولنگي، عابده سولنگي، شير بانو سولنگي ۽ ٻين پاڪ ڪتاب کڻي دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، مظاهرين عورتن دانهيو ته 7 ڪلاس جي شاگرد آڪاش سولنگي سان دوستي رکڻ لاءِ راجا ۽ حسين ڀنڊ وارا تنگ ڪندا رهيا آهن، دوستي نه رکڻ تان جوابدارن حملو ڪري اسان جا ٽي ڄڻا زخمي ڪيا آهن جيڪي سيريس آهن انهن کي نوابشاهه ريفر ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، دوستي نه رکڻ تان جهيڙي ۽ عورتن جي احتجاج جو ايس ايس پي دادو اعجاز احمد شيخ نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او اي سيڪشن کي فوري طور جوابدار گرفتار ڪرڻ ۽ ڪيس داخل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا، ايس ايس پي جي حڪمن بعد اي سيڪشن ٿاڻي جو ايس ايڇ او اڪبر کوسو ڌرڻي واري هنڌ پهچي متاثر ڌر سان ڳالهيون ڪري کين خاطري ڪرائيندي چيو ته ٻه جوابدار راجا ڀنڊ ۽ امجد ڀنڊ کي گرفتار ڪيو آهي، اوهان ٿاڻي تي اچي ڪيس داخل ڪرايو ۽ جوابدارن جا نالا ڏيو ته وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو، ايس ايڇ او جي خاطري بعد مظاهرين عورتن ڌرڻو ختم ڪندي چيو ته سندن مرد زخمين کي کڻائي نوابشاهه اسپتال ويا آهن واپس اچڻ بعد ئي ڪيس داخل ڪرايو ويندو، آخري اطلاع تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.