لاڙڪاڻي ۾ مبينا مقابلي ۾ زخمي ڪيل نوجوان جي وارثن جو مظاهرو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل عبدالله جتوئي جي وارثن پاڪ ڪتاب کڻي مقابلي کي جڙتو قرار ڏيندي  وس وارن کان گهر ڪئي آهي ته جڙتو مقابلي جي جڊيشل انڪوائري ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ ڪالهه رتوديرو تعلقي جي ڳوٺ گل محمد جتوئي جي رهواسي عورتن پاڪ ڪتاب کڻي پنهنجي ٻارن سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي عورتون پوليس کي پٽون پاراتا ڏيندا رهيا. ان موقعي تي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل نوجوان عبدالله جتوئي جي وارث عورتن جنت خاتون، شريفان خاتون، خاتون جتوئي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته اسان جي نوجوان عبدالله جتوئي مٿان ڪنهن به ٿاڻي تي ڪو به ڪيس داخل ناهي ۽ نه ئي هو ڏوهاري آهي پر ان جي باوجود گذريل 6 جون تي اسپيشل پوليس جي اهلڪارن چيڪنگ دوران اسان جي نوجوان عبدالله جتوئي کي بيگناهه گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ رکي ڪالهه کيس جڙتو مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪري اها دعويٰ ڪئي ته عبدالله جتوئي پوليس اهلڪار مٿان فائرنگ واري واقعي ۾ ملوث آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هنن چيو ته اسان جا مرد پورهيو ڪري گهر ڀاتين جو پيٽ پاليندا آهن اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي پوليس اسان جي نوجوان کي هاف فراءِ ۾ معذور بڻائي ڇڏيو جنهن جي حياتي کي خطرو آهي. هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته جڙتو پوليس مقابلي جي جڊيشل انڪوائري ڪرائي هاف فراءِ ۾ ملوث پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن خلاف سخت کان سخت ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.