آمريڪا افغان مسئلي ۾ اصل ڏوهاري آهي:چين

بيجنگ/ڪابل/ماسڪو(م ڊ) چيني پرڏيهي وزارت آمريڪا کي افغان مسئلي جو اصل ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو، چين چيو آهي ته آمريڪا افغانستان ۾ پنهنجون ذميواريون نظرانداز ڪيون، آمريڪا تڪڙ ۾ افغانستان مان فوجي جٿا واپس گهرايا، ترجمان چيو ته آمريڪا ان عمل سان افغان عوام، خطي جي ٻين ملڪن تي ملبو وجهي ڇڏيو، هوڏانهن افغان طالبان ملڪ جي 85 سيڪڙو حصي تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي، جڏهن ته طالبان خلاف پروپيگنڊا جي نتيجي ۾ سرڪاري اختيارين سان معاهدو ختم ڪيو ويو آهي، طالبان هرات صوبي جي اهم ضلعي تي قبضو ڪري ورتو آهي، افغان طالبان پاران قنڌار شهر جي ڏاکڻئين علائقي ۾ واقع جيل تي به حملو ڪيو ويو پر اتي فورسز پاران مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو هوڏانهن روس افغان حڪومت تان هٿ پري ڪري ورتا آهن، عملدار اهڙيون ڳالهيون پيا ڪن جنهن سان اهو تاثر ملي ٿو ته روس سمجهي ٿو ته نيٽو جي روانگي کانپوءِ اشرف غني جي حڪومت جو افغانستان ۾ ڪو به ڪردار ناهي، ضمير ڪابلوف چيو ته طالبان دهشتگرد هئا پر اهي اسان جي علائقائي مفادن ۽ سينٽرل ايشيا ۾ اسان جي اتحادين لاءِ ڪو به خطرو ناهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.