پاڪستان افغان پناهگيرن جو وڌيڪ بار نٿو کڻي سگهي: شاهه محمود

ملتان (م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آمريڪا کي اڏو نه ڏيڻ تي ڪو به دٻاءُ ناهي، آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري چيو آهي ته اهي پاڪستان سان گڏ آهن.ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن چاهيون ٿا، طاقت جي زور تي اتي امن قائم نٿو ٿي سگهي.هن چيو ته هاڻي افغان پناهگيرن جو وڌيڪ بار کڻڻ جي سگهه ناهي رهي، پهرين ڪوشش آهي ته افغان پناهگيرن کي افغانستان ۾ ترسايو وڃي، ائين نه ٿئي جو پناهگيرن جي آڙ ۾ شرپسند پاڪستان اچي وڃن.اپوزيشن تي تنقيد ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته بلاول غير ذميواراڻيون ۽ ٻاراڻيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، اسان ڪشمير جو سودو ڪرڻ وارا نه پر تحفظ ڪرڻ وارا آهيون.سندس چوڻ هو ته مريم بي بي گهٻرائي ٿي، جيتوڻيڪ ڪشمير ۾ ن ليگ جي حڪومت آهي، ڪشمير ۾ حڪومت ن ليگ جي آهي ته اليڪشن چوري تحريڪ انصاف ڪيئن ٿي ڪري سگهي؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.