چين هنگامي طور پنهنجي شهرين کي افغانستان مان ڪڍي ڇڏيو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) افغانستان مان آمريڪي فوجي دستن جي نڪرڻ سان گڏ چين به پنهنجي شهرين کي هڪ هنگامي خاص اڏام ذريعي واپس وطن پهچائي ڇڏيو.

چيني پرڏيهي کاتي ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو آهي ته جنگ سٽيل ملڪ افغانستان ۾ موجود سڀني چيني شهرين کي سيڪيورٽي صورتحال ڏسندي ملڪ ڇڏڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون هيون.

مقامي ميڊيا موجب بيجنگ حڪومت پنهنجي شهرين جي حفاظت سان واپسي لاءِ 2 جولاءِ تي خاص اڏام جو انتظام ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.