نوابشاهه ۾نائين ۽ ڏهين جا پريٽيڪل 12 جولاءِ کان ٿيندا: پڌرائي

نوابشاهه ( ڊر )ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ شھيد بينظير آباد جي ناظم امتحانات ھڪ پڌرائي ۾ ڄاڻايو آھي ته تعليمي بورڊ ھيد بينظيرآباد سان لاڳاپيل تعليمي ادارا پنهنجي ادارن ۾ نائين ۽ ڏهين جماعت جي اميدوارن جا پريڪٽيڪل امتحان 12 جولائي کان وٺڻ لاءِ انتظام ڪن ۽ اميدوارن جي پريڪٽيڪل امتحان جي رزلٽ شيٽ 26 جولائي تائين بورڊ آفيس ۾ جمع ڪرائين ته جئين ڪرونا وبا جي ٽئين لهر سبب سنڌ حڪومت جي ڏنل هدايتن تحت امتحانن جا نتيجا جاري ڪري سگهجن.

جوهي ۾پورهيت بااثرن خلاف احتجاج

جوهي ( ن ع آ  ) جوهي ٿاڻي جي حد ڳوٺ نُونر جي رهواسي رجب لُنڊ پنهنجي پُٽ آدم سميت جوهي ٿاڻي تي پهچي دانهيو آهي ته سنڱاوتي معاملي تان سندس ئي برادري جي رسول بخش, غلام حيدر ۽ الياس لُنڊ سميت ڇهن ڄڻن ڳوٺ کان جوهي ايندي ٻٽين مورين وٽ پسٽل جا فائر  ڪري زخمي ڪيو آهي, هن ٻُڌايو ته کيس ۽ پُٽ مٿان ڏنڊن سان حملو ڪرڻ بعد پسٽل جو فائر ڪيو ويو جيڪا گولي هٿ ۾ لڳي آهي, جوهي پوليس اين سي داخل ڪري کيس علاج لاء ليٽر ڏنو آهي ٻنهي پيءُ پُٽن کي تعلقه اسپتال جوهي منتقل ڪيو ويو آهي., ياد رهي ته ڌُرين وچ ۾ سنڱاوتي معاملي تان جهيڙو هلندڙ آهي, هوڏانهن ٻي ڌُر به جوهي ٿاڻي تي پهچي دانهيو آهي ته رجب پنهنجي پُٽ ۽ ٻن ساٿين سميت نوجوان ستار لُنڊ کان ڦُر جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران جهيڙو ٿي پيو ۽ ستار لُنڊ پڻ زخمي ٿيو آهي, جوهي پوليس زخمي ستار کي ليٽر ڏئي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

ڀان ۾پورهيت جو وياجين خلاف احتجاج

ڀان سيدآباد ( ن ع آ ) ڀان سيدآباد  شهر جي شهيد ڪالوني واسي 5 ٻارن جي پيءُ تعليم کاتي ڄامشوري جو مالهي  غلام سرور ٻگهيو پريس ڪلب پهچي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته ڀان سيدآباد شهر جي وياجيءَ گهر تباهه ۽ زندگي برباد ڪئي آهي. ، ان الزام هڻندي چيو ته ڀان جي وياجيءَ سروس بوڪ، چيڪ بوڪ، اي ٽي ايم ڪارڊ ڦر ڪري گروي رکي چڏيو آهي ، ان وڌيڪ چيو ته مجبوريءَ سبب وياجي ديدار ڀنڊ کان 55 هزار رپيا وياج تي ورتا، سمورا پئسا ڏئي چڪو آهيان، وياجي اڃا به ڏيڍ لک رپيا گهري رهيو آهي ، وياجيءَ سروس بوڪ، چيڪ بوڪ ۽ اي ٽي ايم ڪارڊ ڦري پاڻ وٽ رکي ڇڏيا آهن، جنهن سبب  پگهار نه ملڻ سبب ٻچا بکون پيا ڪاٽين، وياجي سروس بوڪ نه ٿو ڏئي ، ان آخر ۾ سيشن جج ڄامشورو، ايس ايس پي ڄامشورو جاويد بلوچ ۽ وس وارن کي اپيل ٿو ڪريان ته وياجيءَ جي ظلم کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ معصوم ٻچن سميت پاڻ ساڙيندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.