ڪڍڻ ۾پاڻي کوٽ سنگين، آبادگارن جو ٽئين ڏينهن به احتجاج

ڪڍڻ (رپورٽ : بابو کوسو ) ضلعي بچايو تحريڪ جي سڏ تي اڄ جمعي جي  ڏينهن ٽئين ڏينهن علامتي بک هڙتال ڪري پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو ويو  هنن جو گهر هئي ته جولاء  ۾ وارا بندي ڪري  بدين جي پوڇڙين کي مڪمل طور معاشي  طور تباھ ڪيو ويو آهي ٽيلن ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي نلڪا کارا ٿي ويا آهن، ماڻهن  سميت چوپايو مال  پڻ پاڻي لاء پريشان آهي  فصلن جي پوکي جو وقت گذري ويو پر ڪڍڻ، قاضيه جي سميت بدين جي ٽيلن ۾ پاڻي ناهي اڄ ٽي ڏينهن ضلعي بچايو تحريڪ جي سڏ تي  اڳواڻن  محمد اسلم جمالي ،گل محمد گرگيز مامون خاصخيلي ،   همير نهڙيو ،،غلام مصطفا جمالي پريم سنگهه ڀٽي، غلام مصطفا چانڊيو ارشاد جمالي، انور چانڊيو، نور محمد نوتيار،محمود سومرو، عبدالڪريم خاصخيلي، علي حسن بروهي، سميت ڏيڍ سئو ماڻهو مظاهري بعد علامتي بک هڙتال تي ويٺا هنن چيو ته ڪڍڻ کي ايريا واٽر بورڊ ۾ نمائندگي  نه هئڻ ڪري  پاڻي جي ورهاست ۾ ڪڍڻ سب ڊويزن َقاضيه کي پاڻي پنهنجي حصي جو نٿو ملي  هن مرحلي بعد جلد ٻي مرحلي جو اعلان ڪيو ويندو پاڻي جو گيج پورو ڏيئي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.