ڏوڪري مان کنڀيل نوجوان آزاد نه ٿيو، وارثن جو احتجاج

ڏوڪري  ( ن ع آ ) ڏوڪري مان 3 مهينا اڳ کنڀي گم ڪيل نوجوان امداد شاهه جو ڪو پتو نه پئجي سگهيو آهي جنهن ڪري سندس وارث سخت پريشان آهن ان ڏس ۾ نوجوان وارثن ۽ سياسي سماجي ڌرين   سيد زين علي شاھ، سيد صدام شاھ، سيد صداقت علي شاھ، رياض حسين ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ڏوڪري ۾ باءِ پاس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته امداد شاھ جو ڪنهن به سياسي تنظيم سان واسطو نه آهي کيس بي گناهه کنڀي گم ڪيو ويو آهي هنن چيو ته ذوالحج جي عيد اچڻ واري آهي نوجوان جي گهر ۾  غم واري صورتحال ڇانيل آهي. نوٽيس وٺي کيس آزاد ڪرايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.