پني عاقل جي ڪچي ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو، همراهه قتل

پنوعاقل (رپورٽ: نور محمد سومرو)پنوعاقل جي ڪچي ۾ مھر برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ جھيڙي ۾ مرتضيٰ مھر گوليون لڳڻ ڪري قتل،پوليس لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال آندو گذريل 16 سالن ۾ ھلندڙ تڪرار دوران ٻنهي ڌرين جا ھڪ عورت سميت 12 ڄڻا گولين جو بک بڻجي چڪا آھن ۽ 15 کان وڌيڪ زخمي ٻڌايا وڃن ٿا،مھر سردارن پاران صلح نه ڪرائڻ ۽ حڪومت پاران ڌرين کي ٺاھ لاءِ پابند نه ڪرڻ تي خوني ڇڪتاڻ ختم نه ٿيندي،خبرموجب؛گذريل رات دير سان گدپور ٿاڻي جي حد ڪچي ۾ رھندڙ مرتضيٰ مھر جي گھر تي مھر برادري جي ھٿياربندن حملو ڪري مرتضيٰ مھر کي قتل ڪري ڇڏيو،جنھن جو لاش گدپور پوليس کڻائي پنوعاقل تعلقه اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد واپس کڻي ويا،ھوڏانھون اطلاع آھن ته 2006 دوران سفيرو مھر ۽ واليڏنو مھر جي ٻن ڌرين ۾ مال جي ٻڌي ڇوڙي تان جھيڙي دوران خدابخش مھر مارجي ويو ھو،جنھن بعد سردارن يا سرڪار پاران ڌرين جو صلح نه ڪرائي سگھڻ کانپوءِ 16 سالن ۾ ٻنھي ڌارين جا ھڪ عورت مائي دينڻ سميت 12 ڄڻا خدابخش،عبدالجبار،قربان،غلام محمد،عبدالطيف،منظور احمد،محمدو، گل محمد،سفيرو،گلزار قتل ٿي ويا آھن،جڏھن  ته 15 جي لڳ ڀڳ زخمي ٻڌايا وڃن ٿا،فوتين ۽ زخمين جا رضا ڳوٺ ۽ گدپور جي ٿاڻن تي ھڪ ٻي جي مٿان ڪيس داخل آھن،اھي به اطلاع آھن ته ڪيترا ماڻھون جيلن ۾ ته ڪيترا ڳوٺاڻا لڏ پلاڻ ڪري گھوٽڪي شڪارپور،خيرپور ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ روپوشي جي زندگي گذاري رھيا آھن ۽ پنوعاقل جي ڪچي جي علائقن ۾ ڳوٺاڻا مورچا بند ٿي پنھنجي اباڻن ڪکن ۾ موت ۽ زندگي جا ڏينھن گذاري رھيا آھن،ھتان جي ڪچي سان لاڳاپيل سڄاڻ ڌرين ھن خوني جھيڙي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ مھر سردارن ۽ سنڌ سرڪار کان گھر ڪيون ٿا ته ٻنھي ڌارين جي مک اڳواڻن کي صلح لاءِ پابند ڪري ٺاھ ڪرايو وڃي ته جئين ڪچي ۾ بي وقتائتو گولين جو بک بڻجي مري ويندڙن جي وچ ۾ ھميشه لاءِ امن بحال ٿي سگھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.