ڪراچي ۾ايف آءِ اي ڪائونٽر ٽيررازم ونگ جا آفيسر گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ 12ڪروڙ رپيا رشوت طلب ڪرڻ تي ايف آءِ اي ڪائونٽر ٽيررازم ونگ جي آفيسرن کي گرفتار ڪيو ويو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد ايف آءِ اي جي گرفتار ڪيل آفيسرن ۾ انچارج سي ٽي ڊبليو انسپيڪٽر پرويز، انڪوائريز آفيسر انسپيڪٽر عقيل ۽ ٻيا شامل آهن، آفيسر آن لائن ميڊيسن جي ڪاروبار ۾ بي قائدگين جي الزام جي انڪوائري ڪري رهيا هئا، 22 جون تي ڪجهه ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو ۽ 24جون تي ڇڏيو ويو، آفيسرن 12ڪروڙ رشوت طلب ڪئي جڏهن ته 10ڪروڙ رپين جي ادائگي جي واعدي تي جوابدارن کي ڇڏيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.