
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي سرڪار قومي اسيمبلي ميمبر اعجاز شاهه کي پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير مقرر ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم عمران خان ننڪانه صاحب مان ايم اين اي طور چونڊيل برگيڊيئر رٽائرڊ اعجاز شاههکي وفاقي وزير بڻائڻ جو فيصلو ڪيو جنهن بعد سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن اعجاز شاهه کي وفاقي وزير بڻائڻ جي سمري وزيراعظم کي موڪلي جنهن کي وزيراعظم منظوري لاءِ صدر عارف علوي کي موڪلي ڇڏيو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري اعجاز شاهه کي وفاقي وزير بڻائڻ جي تصديق پنهنجي ٽوئيٽ ذريعي ڪئي. فواد چوڌري ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان جي سفارش تي صدر عارف علوي اعجاز شاهه کي وفاقي وزير بڻائڻ جي منظوري ڏني آهي. فواد چوڌري موجب اعجاز شاهه پارلياماني معاملن جي وزير طور پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏيندو.