سينيٽ ۾ والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت بحال ڪرڻ وارو گڏيل ٺهراءُ منظور

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سينيٽ ۾ والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت بحال ڪرڻ وارو گڏيل ٺهراءُ منظور ڪيو ويو.

سينيٽ ۾ والاريل ڪشمير جي آئيني حيثيت ۾ تبديلي فوري واپس وٺڻ ۽ ڪشميرين کي حق خوداراديت ڏيڻ جي حق ۾ گڏيل ٺهراءَ منظور ٿيو آهي جنهن ۾ ڀارت کان ڪشمير تي ناجائز قبضي جي خاتمي جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

گڏيل ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ڀارت ڪشميرين کي سلامتي ڪونسل جي ٺهرائن جي روشني ۾ حق خودارادي ڏئي ۽ ڪشمير جي آئيني حيثيت کي 5 آگسٽ 2019ع کان پهرين جي حالت تي بحال ڪري.

ٺهراءَ موجب ڀارت حراست هيٺ سمورن سياسي قيدين کي فوري طور آزاد ڪري، هندوستان والاريل ڪشمير ۾ اقليت کي اڪثريت ۾ تبديل ڪرڻ جون ڪوششون فوري ترڪ ڪري، ظلم ۽ جبر جي خلاف ڪشميرين جي باهمت جدوجهد ۽ قربانين کي سلام پيش ڪيون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.