7 ايم اين ايز جي پارليامينٽ حدن ۾ داخلا تان پابندي ختم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر ايوان ۾ گوڙ ڪندڙ 7 ميمبرن جي اسيمبلي حدن ۾ داخلا تان پابندي ختم ڪري ڇڏي.

قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ان حوالي سان ميمبرن ۽ سيڪيورٽي ادارن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب اسد قيصر ميمبرن تان پابندي معاملن کي حل ڪرڻ ۽ خوشگوار ماحول رکڻ لاءِ کنئي آهي.

اسپيڪر طرفان پابندي کڻڻ کانپوءِ پ پ جي آغا رفيع الله، ن ليگ جي شيخ روحيل اصغر، علي گوهر خان، چوڌري حامد حميد، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي علي نواز اعواڻ، عبدالمجيد خان ۽ فهيم خان کي اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت جي اجازت هوندي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن اسپيڪر طرفان ميمبرن تي پابندي کانپوءِ اپوزيشن ڪالهه ئي اسپيڪر کي خط لکيو هو، جنهن ۾ ميمبرن تان پابندي کڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.