حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت 30 جون تائين پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي.

ناڻي واري وزارت موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 2 رپيا 13 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 110 رپيا 69 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.

ناڻي واري وزارت ٻڌايو آهي ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ هڪ رپيو 79 پئسا في ليٽر، لائٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 2 رپيا 3 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.

گاسليٽ جي قيمت ۾ هڪ رپيو 89 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي ۽ نيون قيمتون اڄ رات 12هين وڳي کان لاڳو ٿينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.