ڀان سيدآباد: قديمي قبرستان جي زمين تي قبضن خلاف ڳوٺاڻن جو مظاهرو

ڀان سيدآباد ويجهو  قديمي قبرستان شاهه شڪر گنج  جي زمين تي قبضن خلاف ڳوٺاڻن ۽ درگاهه جي عقيدتمندن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن دوران سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي، ان موقعي تي درگاهه جي گادي نشين فقير محمد ياسين شيخ، محمد رجب پنهور، راجا وحيد پنهور، شاهنواز جمالي ۽ ٻين ٻڌايو ته قديمي قبرستان شاهه شڪر گنج دادو ضلعي جي زمين ديهه ڪورپور جي سروي نمبر 446 ۾ 64 ايڪڙ 15 گهنٽا رڪارڊ تي آهي، جنهن تي ٻاهران آيل لاڏائو ماڻهن قبضا ڪيا آهن، هنن چيو ته قبرستان جي چئن ئي پاسن کان قبضا ڪري آبادي ڪئي پئي وڃي، وچ قبرستان ۾ گهر تعمير ڪيا ويا آهن، پوکائي ڪرڻ ۽ گهرن جي نيڪال سبب قبرون مسمار ٿي رهيون آهن، جڏهن ته بي حرمتي پڻ ٿي رهي آهي، هنن سيشن جج ۽ ڊي سي دادو کي اپيل ڪئي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي روشنيءَ ۾ تاريخي قبرستان تان قبضا فوري طور ختم ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.