گهوٽڪي فيڊر مان نڪرندڙ واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي کوٽ، ڏهرڪي ۾ڌرڻو

ڏهرڪي ( نمائندن وٽان ) گھوٽڪي فيڊر مان نڪرندڙ سموري واھن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي سخت کوٽ ۽ با اثرن پاران پکن ۽ لفٽ مشينن ذريعي پاڻي چوري ۽ زوري کڻڻ خلاف اڄ  گھوٽڪي فيڊر جي آبادگارن ايس ٽي پي ۽ ايس ٽي پي ھارد سنگت پاران سخت گرمي باوجود ڏھرڪي ۾ ايد ڊي او آفيس ڏھرڪي آڏو ساڍا چار ڪلاڪ کان وڌيڪ نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، آفتاب خان شر ڄام معشوق سميجو ،ڪامريڊ مير احمد شر، ڄام مجيب سميجو، گلزار احمد شر، زبير چاچڙ، معروف سميجو، غلام سرور، سميجو علي بخش شر پيار علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا ھن موقعي تي ھنن چيو تـ ھن سال آبادگار تمام گھڻا پريشان آھن پاڻي نـ ھجڻ سبب ھڪ جريب بـ نـ پوکي سگھيا آھيون جنھن سبب ڏڪار جو خدشو آھي ھنن چيو تـ ايس ڊي او ڏھرڪي راز علي منگي ھڪ ڪرپٽ آفيسر آھي جيڪو با اثر زميندارن کان پئسا وٺي غير قانوني پکا ھڻائي پاڻي چوري ڪرائي رھيو آھي، انجنيئر خورشيد کوکر ڌرڻي واري ھنڌ پھچي واعدو ڪندي يقين ڏياريو تـ ھڪ ھفتي اندر پوڇڙي جي آبادگارن تانـئين پاڻي پھچائينداسين ۽ شام تائين واھن تي لڳل غير قانوني پکا ھڻي پاڻي چورن کي سزائون ڏنيون وينديون انجنيئر جي اھڙي واعدي ۽ يقين ڏيارڻ بعد احتجاج ختم ڪري ڇڏيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.