جھول پراڻي تڪرار تان نوجوان گوليون هڻي زخمي

جھول  (ن ع ) جهول وايا شھدادپور روڊ تي ڳوٺ حاجي فريد خان مري وٽ پراڻي تڪرار تان ڳوٺ ٻڍل خان لغاري واسي موٽرسائڪل تي سوار نوجوان  ۽ پيرسن مٿان ڪار سوار نامعلوم جوابدارن جي مبينا فائرنگ، نوجوان ڪامران ولد شريف سولنگي ٻانھن ۾ گولي لڳڻ سبب سخت زخمي,پيرسن غلام مصطفي سولنگي ڀڄي جان بچائي,زخمي نوجوان کي رورل ھيلٿ سينٽر اسپتال جھول آندو جٿان ريفر ڪري کيس جھول ٿاڻي جو وڏو منشي ننگر خان مھر ۽ محراب شر پنهنجي ڪار ۾ سول اسپتال سانگھڙ کڻاء ويا,زخمي نوجوان الزام ھڻندي چيو ته عبدالرسول لغاري ۽ ٻين رند برادري جي ماڻھن اسان تي قاتلاڻو حملو ڪري گوليون ھڻي زخمي ڪيو آھي 7ھزار روپين پيسن جي معاملي تان ھنن اڳ به اسان تي حملو ڪيو ھو جنهن ۾ سندن ئي ماڻھن ھٿان سندن ماڻھون قتل ٿي ويو ھو, ذريعن وٽان معلومات ملي آھي ته پيسن جي ڏيتي ليتي تان ٻنھين ڌرين ۾ تڪرار جھيڙو ھلندڙ آھي ڪجھ مھينا اڳ سولنگي برادري جي ڌر ھٿان رند برادري جي ڌر جو نوجوان گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو ھو جنهن جو ڪيس ھلندڙ آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.