فردوس عاشق اعواڻ جون چماٽون ۽ پارٽي ڪارڪن

تحرير: عدنان هاشمي

پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ ڪالهه جيڪو عمل ڪيو، اهو ٽاڪ شوز ۾ ڪنهن به ريت قبول نٿو ڪري سگهجي پر ائين پهريون ڀيرو به ناهي ٿيو، ان کان اڳ ڏهرڪي ٽرين حادثي تي سندس تڪراري بيان ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سونيا خان سان ان جي ”ڳالهه ٻولهه“ اخبارن، ٽي وي ۽ سوشل ميڊيا جي زينت بڻي.

فردوس عاشق اعواڻ لڳ ڀڳ روز پنهنجي آفيس مان جاري بيان ۾ مخالفن تي جارهاڻي انداز ۾ تنقيد ڪندي نظر ايندي آهي، گڏوگڏ ڏينهن ۾ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا به جيڪڏهن ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ٿئي ته تڏهن به سندس لهجو انتهائي سخت هوندو آهي پر جيڪڏهن مخالفن وٽان جواب اچي ته اهو برداشت ناهي ڪندي.

فردوس عاشق اعواڻ ن ليگ پنجاب جي ترجمان عظميٰ بخاري سان به پروگرام ختم ٿيڻ کانپوءِ وڙهي چڪي آهي، ان سان گڏوگڏ جيڪڏهن سندس ماضيءَ جي تڪراري بيانن جو ذڪر شروع ڪندس ته ڪيترائي پَنا ڀرجي سگهن ٿا.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن تي به ڪرپشن جا ڪيترائي الزام آهن، چيو ويندو آهي ته پ پ جي دور ۾ هن پنهنجي وزارت ڇڏي ته سرڪاري ڪراڪري جو سامان به پاڻ سان گڏ کڻي وئي، ياد رهي ته ان الزام جو ثابت ٿيڻ اڃا باقي آهي.

مون کي حيرت ٿي ته قادر مندوخيل سان هڪ ٽاڪ شو پروگرام ۾ وڙهڻ واري واقعي تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن يا وري هم خيالن خوشيءَ جو اظهار ڪيو، مختلف قسمن جا ميمز ٺهڻ جو سلسلو به شروع ٿي چڪو آهي.

منهنجو هڪ مائٽ، جيڪو پي ٽي آءِ جو ووٽر به آهي، جڏهن ان سان ملاقات ٿي ته کِلندي چيائين فردوس عاشق اعواڻ ڇا ته ڪمال ڪيو، معنيٰ هو انتهائي فخر سان ان واقعي کي بيان ڪري رهيو هو، هڪ واٽس ايپ گروپ ۾ پڙهيم ته ان سان ايئن ئي ٿيڻ گهرجي ها.

ان ڳالهه مان اندازو لڳايو ته اسان جي نوجوان نسل يا وري هڪ جماعت پنهنجي ڪارڪنن جي تربيت ڪيئن ڪئي آهي جو ڪارڪن يا هم خيال پنهنجي مخالفن سان ٿيندڙ ڪڌي ورتاءُ تي خوشيءَ جو اظهار ڪن ٿا.

۽ وڌيڪ ڏُک ان ڳالهه جو ٿيندو آهي ته ماڻهو، فردوس عاشق اعواڻ جي ان عمل کي پسند ته ناهن ڪندا پر پوءِ به چُپ هوندا آهن، سوشل ميڊيا تي ان جماعت طرفان هلايل ٽوئيٽر ٽرينڊ جو استعمال ڪري ان جي تربيت ڪرڻ جي ڪوشش ناهن ڪندا.

مخالف، هڪ ٻئي کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ گهرن ٿا ته ضرور بڻائين پر پاڻ تي ٿيندڙ تنقيد کي برداشت ڪرڻ به سکن ۽ سياسي جماعتن کي پنهنجي ڪارڪنن جي تربيت سٺي انداز ۾ ڪرڻ گهرجي، ڇو ته جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته سڀاڻي اهي به ان ئي قسم جي ڪڌي رويي کي منهن ڏئي سگهن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.